اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي خيبرپختونخواهه جي علائقن ۾ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز جي واکاڻ ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز جاري رهندا. گهرو وزارت پاران جاري بيان موجب گهرو وزير محسن نقوي ڀارتي اسپانسرڊ 23 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي …
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران خيبرپختونخواهه جي علائقن ۾ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز جي واکاڻ

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي خيبرپختونخواهه جي علائقن ۾ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز جي واکاڻ ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز جاري رهندا. گهرو وزارت پاران جاري بيان موجب گهرو وزير محسن نقوي ڀارتي اسپانسرڊ 23 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو آهي، سيڪيورٽي فورسز وقت سر موثر ڪارروايون ڪري ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جي ڪڌي ارادن کي ناڪام بڻايو. هن چيو ته ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي سلام پيش ڪريان ٿو. خيبرپختونخواهه ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جا انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ڪاميابي سان جاري آهن. ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز جاري رهندا.











