پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي توانائي واري مملڪتي وزير عبدالرحمان خان ڪانجو جي رهائشگاهه آمد، سندس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري توانائي واري مملڪتي وزير عبدالرحمان خان ڪانجو جي رهائشگاهه تي ويو ۽ سندس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. پاور ڊويزن واري ترجمان موجب بلاول ڀٽو زرداري مرحومه جي ايصال ثواب ۽ درجن جي بلنديءَ لاءِ دعا ڪئي ۽ گهرڀاتين سان دلي همدرديءَ ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري گهرڀاتين جي …

اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري توانائي واري مملڪتي وزير عبدالرحمان خان ڪانجو جي رهائشگاهه تي ويو ۽ سندس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. پاور ڊويزن واري ترجمان موجب بلاول ڀٽو زرداري مرحومه جي ايصال ثواب ۽ درجن جي بلنديءَ لاءِ دعا ڪئي ۽ گهرڀاتين سان دلي همدرديءَ ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل ۽ استقامت جي دعا پڻ ڪئي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري عبدالرحمان ڪانجو سان سندس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي ۽ ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ساڻس يڪجهتي جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں