پاڪ – چين اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري، وقت جي هر آزمائش کي منهن ڏيندي ترقي جون منزلون طئي ڪيون آهن: اسحاق ڊار

اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي قيادت کي دل سان ساراهيان ٿو جنهن پاڪ – چين دوستي جي مضبوط رشتي کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ دانشمنداڻو ڪردار ادا ڪيو، ٻطرفي لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ ۽ اسٽريٽجڪ رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۾ قيادت جي اڻٿڪ ڪوششون انتهائي قابل قدر رهيون آهن، گذريل 75 …

اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي قيادت کي دل سان ساراهيان ٿو جنهن پاڪ – چين دوستي جي مضبوط رشتي کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ دانشمنداڻو ڪردار ادا ڪيو، ٻطرفي لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ ۽ اسٽريٽجڪ رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۾ قيادت جي اڻٿڪ ڪوششون انتهائي قابل قدر رهيون آهن، گذريل 75 سالن دوران پاڪ – چين هر موسم ۾ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري وقت جي هر آزمائش کي منهن ڏنو ۽ مختلف شعبن ۾ مسلسل ترقي جون منزلون طئي ڪيون. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پنهنجي پيغام ۾ چيو ته آئون پاڪستان ۽ چين جي عوام کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته 75 سال اڳ اسان جي ٻن قومن گڏيل احترام ۽ گڏيل امنگن تي ٻڌل هڪ سفر جي شروعات ڪئي هئي، اڄ اهو سفر هڪ منفرد اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، اسان جو تعلق عالمي سفارتڪاري ۾ هڪ منفرد مثال جي حيثيت رکي ٿو، اهڙو تعلق جيڪو وقتي مفادن نه پر فولادي اعتماد ۽ ڀائراڻي رشتي تي قائم آهي. هن چيو ته ان اهم سنگ ميل تي اسان ان تاريخ جو جشن ملهائي رهيا آهيون جنهن ۾ پاڪستان ۽ چين هر مشڪل گهڙيءَ ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو ۽ اڻٿڪ يڪجهتي سان هڪ ٻئي جي بنيادي مفادن جو تحفظ ڪيو، آئون پاڪستان ۽ چين جي قيادت جي لاءِ پڻ پنهنجي گهري ذاتي ستائش جو اظهار ڪريان ٿو جنهن پاڪ – چين دوستي جي مضبوط رشتي کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ دانشمنداڻو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ٻطرفي لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ ۽ اسٽريٽجڪ رابطن کي مضبوط بنائڻ ۾ قيادت جي اڻٿڪ ڪوششون انتهائي قابل قدر رهيون آهن، گذريل 75 سالن دوران پاڪ – چين اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري وقت جي هر آزمائش کي منهن ڏنو ۽ مختلف شعبن ۾ مسلسل ترقي جون منزلون طئي ڪيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جو تعلق ٻنهي ملڪن جي عوام جي دلين ۾ مضبوط پاڙون رکي ٿو، اسان جي قيادت، ڪاروباري شخصيتون، صنعتڪار، تعليمي ماهر، پيشيور ماڻهو ۽ شاگرد گذريل 75 سالن ۾ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪيو آهي، اهو تعلق نسلن ۽ حڪومتن جي تبديلي جي باوجود مسلسل مستحڪم رهيو آهي. هن چيو ته ان تاريخي موقعي تي آئون انهن چيني ڪمپنين، انجنيئرز، ڪارڪنن ۽ ماهرن جي قيمتي خدمتن کي پڻ ساراهيان ٿو جيڪي پاڪستان ۾ لڳاءُ ۽ عزم سان خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، خاص طور تي سي پيڪ تحت پاڪستان جي ترقي ۾ انهن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) اسان جي اقتصادي حصيداري جو مرڪزي ٿنڀ ۽ بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جو نمايان منصوبو آهي. گذريل هڪ ڏهاڪي دوران ان پاڪستان جي بنيادي ڍانچي ۽ توانائي جي شعبي ۾ انقلابي تبديليون پيدا ڪيون آهن، مستقبل طرف وڌندي مون کي سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تي اسان جو گڏيل ڌيان حوصلي جوڳو محسوس ٿئي ٿو جنهن ۾ صنعتي ترقي، زرعي جديدڪاري ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي ترجيح ڏني پئي وڃي ته جيئن عوام جي زندگين ۾ وڌيڪ بهتري اچي ۽ گڏيل خوشحالي جو خواب حقيقت بڻجي سگهي. هن چيو ته هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن دنيا مُشڪل جاگرافيائي ۽ سياسي چئلينجز ۾ ورتل آهي، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ هم آهنگي خطي ۽ دنيا جي لاءِ استحڪام جو اهم ذريعو آهي. انصاف، برابري، گهڻ رخي نظام، خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي احترام جي گڏيل عزم تي ٻڌل عالمي فورمز ۾ اسان جو تعاون ٻطرفي لاڳاپن جو بنيادي ٿنڀ آهي. هن چيو ته اسان گڏجي انسانيت جي گڏيل مستقبل جي ويزن جي فروغ جي لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪندا رهنداسين، پاڪستان ۽ چين جي پائيدار دوستي ماضي ۾ به خطي ۽ دنيا ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جو محور رهي آهي ۽ اڳتي به رهندي. هن چيو ته مستقبل طرف ڏسندي مون کي مڪمل يقين آهي ته پاڪستان ۽ چين جي “فولادي ڀائراڻي دوستي” وڌيڪ مضبوط کان مضبوط تر ٿيندي ويندي. هن چيو ته اچو اسان ان ڀائراڻي دوستي کي وڌيڪ اڳتي وڌايون ۽ هڪ پرامن، ترقي يافته ۽ خوشحال دنيا جي لاءِ پاڪ – چين لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻايون.

مزید خبریں