اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي ٻنهي ملڪن جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪون ڏنيون آهن ۽ چين جي صدر شي جن پنگ، ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا ۽ عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. گهرو وزارت پاران جاري بيان مطابق وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پنهنجي خاص پيغام ۾ …
وفاقي گهرو وزير پاران پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي ٻنهي ملڪن جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي ٻنهي ملڪن جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪون ڏنيون آهن ۽ چين جي صدر شي جن پنگ، ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا ۽ عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. گهرو وزارت پاران جاري بيان مطابق وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪ چين دوستي جا 75 سالن بي مثال اعتماد، لازوال محبت ۽ مخلصاڻي سهڪار جو داستان آهن، پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تاريخ ساز سنگ ميل آهي. چين پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪ اعتماد جوڳو ۽ هر آزمائش تي پورو لهندڙ اسٽرٽجڪ پارٽنر آهي. عالمي منظر نامي تي تبديليون آيون پر پاڪ چين فولادي ۽ لازوال دوستي ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي. دفاعي سهڪار کان اقتصادي شراڪتداري تائين پاڪ چين لاڳاپا خطي ۾ استحڪام ۽ ترقي جو روشن مثال بڻجي چڪا آهن. سي پيڪ ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاشي سهڪار ۽ پائيدار ترقي جو ثبوت آهي. گهرو وزير چيو ته خطي ۾ امن، خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان ۽ چين جو موقف هميشہ هڪ جهڙو رهيو آهي، قدرتي آفتون هجن يا عالمي وبا، چين هميشہ پاڪستان سان گڏ بيهي ڀائيچاري جو حق ادا ڪيو. پاڪ چين دوستي اڳ کان وڌيڪ مضبوط، گهري ۽ ناقابل شڪست بڻجي چڪي آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪ چين دوستي هر ايندڙ ڏينهن ۾ مضبوط، پائيدار ۽ بلندين تي وڃي رهي آهي. پاڪ چين تاريخي ۽ مثالي دوستي کي نقصان پهچائڻ جي ڪا به سازش ڪامياب نه ٿيڻ ڏينداسين.










