اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي)سينيٽ آغا خان خاندان جي فلاحي، تعليمي ۽ ترقياتي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي هڪ متفقه ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي جڏهن ته پرنس رحيم آغا خان جي پاڪستان جي دوري جي آجيان به ڪئي وئي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سمورين سياسي پارٽين پاران ٺهراءُ سينيٽر سليم مانڊوي والا پيش ڪيو. ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته آغا خان خاندان جو پاڪستان سان …
سينيٽ اجلاس ۾ آغا خان خاندان جي خدمتن کي خراج تحسين ٺهراءُ متفقه طور منظور

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي)سينيٽ آغا خان خاندان جي فلاحي، تعليمي ۽ ترقياتي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي هڪ متفقه ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي جڏهن ته پرنس رحيم آغا خان جي پاڪستان جي دوري جي آجيان به ڪئي وئي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سمورين سياسي پارٽين پاران ٺهراءُ سينيٽر سليم مانڊوي والا پيش ڪيو. ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته آغا خان خاندان جو پاڪستان سان تاريخي روحاني، انساني ۽ ترقياتي تعلق رهيو آهي ۽ خاندان تعليم، صحت، ٻهراڙين جي ترقي، ثقافت، امن برداشت ۽ بين المذهبي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. ٺهراءَ جي متن مطابق آغا خان ڊولپمينٽ نيٽ ورڪ جي اسپتالن، يونيورسٽين، تعليمي ادارن، ٻهراڙين ۾ سهڪاري پروگرامن ۽ فلاحي منصوبن بنا ڪنهن فرق جي لکين ماڻهن جي زندگين ۾ هاڪاري تبديلي پيدا ڪئي. ايوان ۾ اسماعيلي برادري کي پرامن، قانون پسند ۽ محنتي قرار ڏيندي معاشي ترقي ، تعليم ۽ انسانيت جي خدمت ۾ سندن ڪردار کي به ساراهيو. سينيٽ اميد ظاهر ڪئي ته پرنس رحيم آغا خان جو پاڪستان جو دورو امن، اتحاد، دوستي ۽ بين المذهبي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ ۾ وڌيڪ مددگار ثابت ٿيندو.










