سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سان ڪويت جي سفير جي ملاقات، سامونڊي صنعت ۽ توانائي جي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

اسلام آباد-21 مئي(اي پي پي)سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انور چوڌري سان ڪويت جي سفير ناصر عبدالرحمٰن جاسر المطيري ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ميري ٽائم سيڪيورٽي، انرجي، بندرگاهي انفرا اسٽرڪچر جي منصوبن ۾ ٻه طرفو سهڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزارت مان جاري ڪيل پڌرائي موجب ملاقات دوران وفاقي وزير چيو ته گوادر ۽ پورٽ قاسم ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ پاڪستان ايل پي …

اسلام آباد-21 مئي(اي پي پي)سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انور چوڌري سان ڪويت جي سفير ناصر عبدالرحمٰن جاسر المطيري ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ميري ٽائم سيڪيورٽي، انرجي، بندرگاهي انفرا اسٽرڪچر جي منصوبن ۾ ٻه طرفو سهڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزارت مان جاري ڪيل پڌرائي موجب ملاقات دوران وفاقي وزير چيو ته گوادر ۽ پورٽ قاسم ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ پاڪستان ايل پي جي، ايل اين جي ۽ ڪچي تيل وارن ذخيرن جي حوالي سان منصوبن ۾ ڪويت جي حصيداري جي آجيان ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۾ انرجي اسٽوريج قائم ڪرڻ جي منصوبي تي ڪم جاري آهي. ملاقات دوران ڪويت جي سفير پاڪستان جي سامونڊي ۽ توانائي وارن منصوبن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو، جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ميري ٽائم صنعت ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺائڻ تي اتفاق ڪيو. وفاقي وزير ڪويت جي سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جو يقين پڻ ڏياريو.

مزید خبریں