قومي صحت بابت وفاقي وزير جي ورلڊ بئنڪ جي نمائندن سان ملاقات

اسلام آباد- 21 مئي (اي پي پي) قومي صحت بابت وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال جنيوا ۾ ورلڊ هيلٿ ڪانفرنس دوران ورلڊ بئنڪ جي نمائندن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان جي صحت جي شعبي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صحت واري وزارت پاران جاري بيان مطابق وفاقي وزير صحت جي شعبي ۾ جاري سڌارن ۽ حڪومتي قدمن کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ويڪسين …

اسلام آباد- 21 مئي (اي پي پي) قومي صحت بابت وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال جنيوا ۾ ورلڊ هيلٿ ڪانفرنس دوران ورلڊ بئنڪ جي نمائندن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان جي صحت جي شعبي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صحت واري وزارت پاران جاري بيان مطابق وفاقي وزير صحت جي شعبي ۾ جاري سڌارن ۽ حڪومتي قدمن کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ويڪسين جي مقامي تياري جي عمل تي به ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن کي ورلڊ بئنڪ جي نمائندن ساراهيو. وفاقي وزير ورلڊ بئنڪ جي سهڪار کي ساراهيندي چيو ته حڪومت صحت جي شعبي ۾ بهتري لاءِ عالمي ادارن سان گڏجي ڪم جاري رکندي. ان موقعي تي ورلڊ بئنڪ جي نمائندن پاڪستان جي نيشنل هيلٿ سپورٽ پروگرام کي ساراهيندي چيو ته اهو صحت بابت پاليسين، منصوبن ۽ مستقل جي ويزن سان مڪمل طور هم آهنگ آهي. ورلڊ بئنڪ صحت جي شعبي ۾ بهتري لاءِ پنهنجو سهڪار جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان ۾ ويڪسين جي تياري کي هٿي ڏيڻ لاءِ سهڪار جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي پرائمري هيلٿ ڪيئر نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ ٽيلي ميڊيسن کي هٿي ڏيڻ لاءِ سهڪار تي اتفاق ڪيو ويو.

مزید خبریں