پاڪستان-ڪينيا گڏيل ڪميٽي جو اجلاس، مارڪيٽ تائين رسائي، روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق

اسلام آباد-21 مئي(اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪينيا جي گڏيل ڪميٽي جو اجلاس گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ پاڪستان ۽ ڪينيا وچ ۾ ٻه طرفي واپار کي پنجن سالن ۾ ٻيڻو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پاڪستان ۽ ڪينيا جي گڏيل واپاري ڪميٽي جي ٻئي اجلاس جي صدارت واپار واري سيڪريٽري جواد پال ۽ ڪينيا جي پرنسپل سيڪريٽري ريجنل اومبام ڪئي. اجلاس ۾ ٻنهي ملڪن واپاري …

اسلام آباد-21 مئي(اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪينيا جي گڏيل ڪميٽي جو اجلاس گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ پاڪستان ۽ ڪينيا وچ ۾ ٻه طرفي واپار کي پنجن سالن ۾ ٻيڻو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پاڪستان ۽ ڪينيا جي گڏيل واپاري ڪميٽي جي ٻئي اجلاس جي صدارت واپار واري سيڪريٽري جواد پال ۽ ڪينيا جي پرنسپل سيڪريٽري ريجنل اومبام ڪئي. اجلاس ۾ ٻنهي ملڪن واپاري تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ مارڪيٽ تائين رسائي، روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو. اجلاس ۾ طئي ٿيو ته بينڪاري، دوائن ۽ واپاري تڪرار جي حل ۾ تعاون وڌايو ويندو. آءِ ٽي، سياحت، صنعت، پلانٽ پروٽيڪشن ۽ قرنطينه جي شعبن ۾ شراڪتداري کي به وڌايو ويندو. اجلاس ۾ پاڪستان ۽ ڪينيا جي اقتصادي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين کڻي وڃڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.

مزید خبریں