اسلام آباد-21 مئي (اي پي پي) وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجيهه قمر پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ تعليمي تعاون کي خطي ۾ علمي رابطن جو هڪ نئون مثال قرار ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ عوامي ۽ تعليمي رابطا اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. بنگلاديش وفد جي اعزاز ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي هن وفد کي پاڪستان …
پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ عوامي ۽ تعليمي رابطا اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن: مملڪتي وزير وجيهه قمر

مزید خبریں
اسلام آباد-21 مئي (اي پي پي) وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجيهه قمر پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ تعليمي تعاون کي خطي ۾ علمي رابطن جو هڪ نئون مثال قرار ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ عوامي ۽ تعليمي رابطا اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. بنگلاديش وفد جي اعزاز ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي هن وفد کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار چيو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ تعليمي تعاون کي وڌيڪ نئين بلندين تائين وٺي وڃبو. هن چيو ته پاڪستان بنگلاديش ناليج ڪوريڊور ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ علمي، تحقيقي ۽ ثقافتي رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. مملڪتي وزير چيو ته صرف 6 مهينن ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي تعليمي لاڳاپن ۾ غير معمولي اڳڀرائي ڏسڻ ۾ آئي آهي. هن ٻڌايو ته بنگلاديش جي 4 مختلف شهرن ۾ منعقد پاڪستاني يونيورسٽين جي هائير ايجوڪيشن ايڪسپو کي شاندار موٽ ملي جڏهن ته آئنده هائير ايجوڪيشن ايڪسپو ۾ پاڪستان جون 20 يونيورسٽيون شرڪت ڪنديون. هن چيو ته پاڪستان يونيورسٽين طرفان پيش ڪيل 500 مڪمل اسڪالرشپس لاءِ 1400 کان وڌيڪ بنگلاديش جي شاگردن درخواستون جمع ڪرايون آهن جڏهن ته 74 بنگلاديش جي شاگردن پاڪستان پهچي مختلف يونيورسٽين ۾ تعليم پرائي رهيا آهن. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جون يونيورسٽيون ڏکڻ ايشيا ۾ تعليمي تعاون جو نئون مثال قائم ڪري سگهن ٿيون. هن چيو ته عوامي رابطا ئي قومن جي لاڳاپن کي مضبوط، پائيدار بڻائيندا آهن. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جي دوستي مستقبل ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿيندي ۽ ٻئي ملڪ تعليم، تحقيق ۽ نوجوانن جي ترقي جي شعبن ۾ گڏجي اڳتي وڌندا.










