جده-21 مئي (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف سعودي عرب جي شهر جده ۾ گرينڊ حج سيمپوزيم جي خصوصي سيشن ۾ اعليٰ سطح جي وفد سميت شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مذهبي معاملن واري سيڪريٽري ابرار احمد مرزا ۽ ڊائريڪٽر جنرل حج عبدالوهاب سومرو به وفاقي وزير سان گڏ هيا. سمپوزيم ۾ سڄي دنيا مان آيل مذهبي معاملن وارن وزيرن …
مذهبي معاملن واري وفاقي وزير جي مڪه مڪرمه ۾ وفد سان گڏ گرينڊ حج سيمپوزيم ۾ شرڪت

مزید خبریں
جده-21 مئي (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف سعودي عرب جي شهر جده ۾ گرينڊ حج سيمپوزيم جي خصوصي سيشن ۾ اعليٰ سطح جي وفد سميت شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مذهبي معاملن واري سيڪريٽري ابرار احمد مرزا ۽ ڊائريڪٽر جنرل حج عبدالوهاب سومرو به وفاقي وزير سان گڏ هيا. سمپوزيم ۾ سڄي دنيا مان آيل مذهبي معاملن وارن وزيرن حج مشنز جي اڳواڻن سميت اسٽيڪ هولڊرز جي نمائندن شرڪت ڪئي. سعودي عرب جي حج ۽ عمره بابت وزير سيمپوزيم ۾ اهم خطاب ڪندي سڄي دنيا مان آيل ضيوف الرحمان جي آجيان ڪئي ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته مڪه مڪرمه، مدينه منوره ۽ مشائر مقدسه ( منه، عرفات، مزدلفه) ۾ حاجين کي بهترين سهولتن جي فراهمي سعودي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. هن حج انتطاميا پاران حاجين جي آگاهي لاءِ شروع ڪيل مهم ۽ خاص طور تي موسم جي شدت کان بچڻ لاءِ ڪيل احتياطي تدبيرن ۽ انتظامن تي تفصيلي روشني وڌي. سيمپوزيم جي مختلف ورڪنگ سيشنز ۽ گروپ ڊسڪشنز ۾ سعودي گهرو وزارت، صحت اري وزارت ۽ حج ۽ عمره وزارت جي اڳواڻن شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏني جنهن ۾ مقدس هنڌن جي اندر حاجين جي ميڙ جا انتظام ڪرڻ ۾ ڊيجيٽل تبديلين جو جائزو ورتو ويو. شرڪت ڪندڙن حاجين جي آفيسن سان هم آهنگي وڌائڻ، عالمي سطح تي آگاهي رابطا مضبوط ڪرڻ ۽ قرباني جي گوشت جي ورهاست جهڙن جديد آپريشنل ماڊل کان آگاهه ڪيو ويو. سيمپوزيم ۾ حج جي معاملن جي آفيسن جا اڳواڻ ۽ عالمي حج ڪمپنين جا خصوصي اجلاس به طئي ڪيا ويا آهن . پڄاڻي واري سيشن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته اهو گرينڊ سيمپوزيم پنهنجي پنجاهين ايڊيشن ۾ علم ۽ تحقيق ذريعي ضيوف الرحمان جي خدمت جو بنيادي حصو بڻيل رهيو آهي جيڪا اسلامي تعليمات جي روشني ۾ خدمت ۽ حج پانڌيئڙن جي سار سنڀال لاءِ سعودي حڪومت جي لڳاتار ۽ مخلص ڪوششن جي عڪاسي آهي.










