گوجرانواله-21 مئي(اي پي پي) پاڪستان ۽ چين وچ ۾ لازوال دوستي کي 75 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي پنجاب حڪومت جي خاص هدايتن موجب گوجرانواله ڊويزن جي ڪمشنر محمد علي جي صدارت هيٺ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ڊويزنل انتظاميا جي اهتمام هيٺ ڪمشنر آفيس ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ ڊويزن جي اعلي ٰ عملدارن، چيني وفد ۽ مختلف کاتن جي نمائندن شرڪت ڪئي، تقريب جي شروعات تي پاڪ …
پاڪستان ۽ چين وچ ۾ لازوال دوستي کي 75 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي هڪ تقريب منعقد

مزید خبریں
گوجرانواله-21 مئي(اي پي پي) پاڪستان ۽ چين وچ ۾ لازوال دوستي کي 75 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي پنجاب حڪومت جي خاص هدايتن موجب گوجرانواله ڊويزن جي ڪمشنر محمد علي جي صدارت هيٺ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ڊويزنل انتظاميا جي اهتمام هيٺ ڪمشنر آفيس ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ ڊويزن جي اعلي ٰ عملدارن، چيني وفد ۽ مختلف کاتن جي نمائندن شرڪت ڪئي، تقريب جي شروعات تي پاڪ چين دوستي جي تاريخي اهميت کي اجاگر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجود لاڳاپا وقت سان گڏ وڌيڪ گهرا ۽ مضبوط ٿيا آهن. تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن تاڙيون وڄائي ٻنهي ملڪن جي پراڻي دوستي کي خراج تحسين پيش ڪيو. تقريب ۾ چيني وفد جي موجودگي تقريب کي يادگار بڻايو، جڏهن ته ان موقعي تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثقافتي ۽ سفارتي لاڳاپين کي وڌيڪ هٿي وٺائڻ جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو ويو.










