گڏيل قومون – 21 مئي(اي پي پي)گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پاڪستان جي پيش ڪيل بين المذهبي هم آهنگي بابت ٺهراءُ متقفه طور منظور ڪري ورتو آهي. سڄي دنيا ۾ اسلاموفوبيا جي وڌندڙ رجحان کي نظر ۾ رکندي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ اربع تي پاڪستان ۽ فلپائن پاران پيش ڪيل هڪ اهم ٺهراءُ متفقه طور منظور ڪيو يو، جنهن ۾ عالمي سطح تي امن، عدم تشدد، بين المذهبي …
گڏيل قومن پاران پاڪستان جو پيش ڪيل بين المذهبي هم آهنگي بابت ٺهراءُ متفقه طور منظور
گڏيل قومون – 21 مئي(اي پي پي)گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پاڪستان جي پيش ڪيل بين المذهبي هم آهنگي بابت ٺهراءُ متقفه طور منظور ڪري ورتو آهي. سڄي دنيا ۾ اسلاموفوبيا جي وڌندڙ رجحان کي نظر ۾ رکندي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ اربع تي پاڪستان ۽ فلپائن پاران پيش ڪيل هڪ اهم ٺهراءُ متفقه طور منظور ڪيو يو، جنهن ۾ عالمي سطح تي امن، عدم تشدد، بين المذهبي ۽ بين الثقافتي ڳالهين کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو آهي. درجنين ملڪن پاران گڏيل طور پيش ڪيل ان ٺهراءُ ۾ ميمبر ملڪن تي زور ڀريو ويو ته هو نسل پرستي، پرڏيهين کان نفرت، نفرت انگيز تقريرن، تشدد ۽ مت ڀيد واري سلوڪ جي خاتمي لاءِ شموليت ۽ اتحاد کي هٿي ڏين. ٺهراءَ ۾ ان عزم جو به ورجاءُ ڪيو ويو ته سمورا ملڪ گڏيل قومن جي منشور ۽ انساني حقن جي عالمي پڌرائي مطابق بنيادي انساني حقن ۽ آزادي جو احترام ۽ تحفظ کي يقيني بڻائيندا. ٺهراءُ پيش ڪندي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد فلپائن ۽ ٻين شريڪ ملڪن جي نمائندگي ڪندي چيو ته دنيا ۾ امن جي اهڙي ثقافت کي هٿي ڏيڻ اڻٽر آهي، جيڪا ترقي، شموليت، بنيادي حقن ۽ آزادين جي تحفظ کي يقيني بڻائي ۽ اهڙن سماجي ڍانچن ۽ تعصب کي رد ڪري جيڪي ماڻهو، معاشرن، برادرين ۽ رياستن وچ ۾ ويڇو پيدا ڪن ٿا. هن چيو ته گذريل سالن ۾ ٿيل اڳڀرائي باوجود گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي. پاڪستاني نمائندي ان موقعي تي گڏيل قومن جي ماتحت اداري يونيسڪو جي آئين جو حوالو ڏيندي چيو ته جيتوڻيڪ جنگون انسانن جي ذهنن ۾ جنم وٺنديون آهن، ان ڪري امن جي دفاع جو بنياد به انسانن جي ذهنن ۾ ئي تعمير ڪرڻ گهرجن. هن واضح ڪيو ته اهو ٺهراءُ هڪ فني توسيع آهي، جنهن ذريعي گذريل اجلاس ۾ متفقه طور منظور ڪيل ٺهراءَ جي بنيادي نڪتن کي برقرار رکيو ويو آهي. ٺهراءَ جي متن ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته راءِ جي اظهار جي آزادي جي حق سان خصوصي ذميواريون به لاڳاپيل آهن، ان ڪري ان تي جائز حدون لاڳو ڪري سگهجن ٿيون. ٺهراءُ ۾ مذهبي علامتن ۽ هنڌن جي احترام جي اهميت کي به تسليم ڪيو ويو جڏهن ته اهو ورجاءُ ڪيو ويو ته عدم برداشت جي ردعمل ۾ تشدد ڪنهن به صورت ۾ قبول جوڳو ناهي ۽ نه ئي اهڙي تشدد کي ڪنهن مذهب، قوميت، تهذيب يا نسلي گروپ سان جوڙڻ گهرجي. جيتوڻيڪ ٺهراءُ متفقه طور تي منظور ٿيو، پر ڪجهه ملڪن اڪثر نڪتن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، جن ۾ ڀارت خاص طور تي نمايان رهيو. ڀارت جي بي بنياد ۽ غير ضروري اعتراضن کي رد ڪندي پاڪستاني نمائندي چيو ته اها افسوسناڪ ڳالهه آهي ته ڀارت اڄ عالمي برادري پاران ان اهم ٺهراءَ جي متفقه منظوري ذريعي ڏنل هاڪاري پيغام کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان سال 2024ع ۾ ڀارت سان ڪرتاپور معاهدي ۾ وڌيڪ پنجن سالن جي توسيع جو اعلان ڪيو، جيڪو مذهبي اقليتن جي حقن جي تحفظ جي عزم جو اظهار آهي. ان قدم کي عالمي سک برادري، عالمي برادري ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش پاران به ساراهيو ويو، جنهن ان کي اميد جي راهداري قرار ڏنو هو. پاڪستاني نمائندي مطالبو ڪيو ته ڀارتي حڪومت اقليتن خلاف ظلمن جي سرپرستي بند ڪري ۽ اهڙن قدمن ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪارروائي ڪري.












