حج جي خطبي جو ترجمو اردو سميت 35 ٻولين ۾ نشر ڪيو ويندو

رياض - 21 مئي(اي پي پي) مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي جي مذهبي معاملن واري جنرل اٿارٽي اعلان ڪيو آهي ته هلندڙ سال حج جي خطبي جو ترجمو اردو سميت 35 ٻولين ۾ ڪيو ويندو ۽ ان کي ڊجيٽل پليٽ فارم ۽ لاڳاپيل چينلز ذريعي نشر ڪيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق مذهبي معاملن جي جنرل اٿارٽي جي سربراهه شيخ عبدالرحمان السديس گذريل ڏينهن بيان ۾ ٻڌايو آهي ته انهن ڪوششن …

رياض – 21 مئي(اي پي پي) مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي جي مذهبي معاملن واري جنرل اٿارٽي اعلان ڪيو آهي ته هلندڙ سال حج جي خطبي جو ترجمو اردو سميت 35 ٻولين ۾ ڪيو ويندو ۽ ان کي ڊجيٽل پليٽ فارم ۽ لاڳاپيل چينلز ذريعي نشر ڪيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق مذهبي معاملن جي جنرل اٿارٽي جي سربراهه شيخ عبدالرحمان السديس گذريل ڏينهن بيان ۾ ٻڌايو آهي ته انهن ڪوششن جو مقصد حج جي خطبي جي پيغام کي سڄي دنيا جي مسلمانن تائين پهچائڻ ۽ اسلام جي اعتدال پسندي جي پيغام کي هٿي ڏيڻ آهي. هن چيو ته اهو قدم اسلام ۽ مسلمانن جي خدمت لاءِ سعودي عرب جي عزم جي عڪاسي ۽ قيادت پاران حاجين جي سار سنڀال کي اجاگر ڪري ٿو. هن چيو ته حج جي خطبي جي ترجمي جو منصوبو اٿارٽي جي اهم قدمن مان هڪ آهي جيڪو سالن جي تجربي تي ٻڌل آهي ۽ دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ديني مواد کي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار آهي. ياد رهي ته عرفات جي ميدان جي مسجد نمره مان حج جي خطبي کي سڌيءَ ريت نشر ڪيو ويندو جنهن مان اٽڪل 5 ملين ماڻهو فائدو حاصل ڪندا. حج 2026ع ۾ مسجد نبوي جو امام ۽ خطيب شيخ ڊاڪٽر علي بن عبدالرحمٰن الحذيفي اڱارو 26 مئي تي مسجد نمره ۾ حج جو خطبو ڏيندو.

مزید خبریں