گڏيل قومون-21مئي(اي پي پي) گڏيل قومن ۾ ايران جي مستقل نمائندي امير سعيد مطالبو ڪيو آهي ته سلامتي ڪائونسل کي ايران خلاف آمريڪي صدر جي ڌمڪين آڏو خاموش نه رهڻ گهرجي. پرڏيهي خابرو اداري موجب امير سعيد آمريڪي صدر جي ڌمڪين سامهون ڪائونسل جي خاموشي کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران تي بمباري ڪرڻ ۽ ايران کي پٿر جي دور ۾ موٽائڻ جي واضع …
سلامتي ڪائونسل کي آمريڪي ڌمڪين آڏو خاموش نه رهڻ گهرجي:گڏيل قومن ۾ ايران جي سفير جو مطالبو
گڏيل قومون-21مئي(اي پي پي) گڏيل قومن ۾ ايران جي مستقل نمائندي امير سعيد مطالبو ڪيو آهي ته سلامتي ڪائونسل کي ايران خلاف آمريڪي صدر جي ڌمڪين آڏو خاموش نه رهڻ گهرجي. پرڏيهي خابرو اداري موجب امير سعيد آمريڪي صدر جي ڌمڪين سامهون ڪائونسل جي خاموشي کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران تي بمباري ڪرڻ ۽ ايران کي پٿر جي دور ۾ موٽائڻ جي واضع ڌمڪي ڏيندي ملڪ جي تواناني، اقتصادي ۽ صنعتي انفراسٽرڪچر جي تباهي، ايراني ايٽمي سائنسدانن ۽ اعليٰ عملدارن کي نشانو بڻايو ايتري تائين جو ايراني تهذيب کي تباهه ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي چڪو آهي. هن گڏيل قومن جي ميمبرن کي آگاه ڪيو ته ايران جي نظر ۾ اها خاموشي هڪ خطرناڪ عمل کي جنم ڏئي سگهي ٿي.












