رياض-21 مئي (اي پي پي) نار تعاون ڪائونسل (جي سي سي) ۽ برطانيا آزاد واپاري معاهدي تي ڳالهيون ڪاميابي سان مڪمل ٿيڻ تي لنڊن ۾ گڏيل اعلان تي صحيحيون ڪيون آهن. جي سي سي ميڊيا سينٽر موجب گڏيل اعلان تي برطانيا پاران مملڪتي وزير ڪرس برائنٽ جڏهن ته جي سي سي جي سيڪريٽري جنرل جاسم محمد البديوي صحيحيون ڪيون. سيڪريٽري جنرل ٻڌايو ته آزاد واپاري معاهدي تي ڳالهيون ڪامياب رهيون. …
آزاد واپاري معاهدي تي ڳالهيون مڪمل ، جي سي سي ۽ برطانيا جي گڏيل اعلان تي صحيحيون
رياض-21 مئي (اي پي پي) نار تعاون ڪائونسل (جي سي سي) ۽ برطانيا آزاد واپاري معاهدي تي ڳالهيون ڪاميابي سان مڪمل ٿيڻ تي لنڊن ۾ گڏيل اعلان تي صحيحيون ڪيون آهن. جي سي سي ميڊيا سينٽر موجب گڏيل اعلان تي برطانيا پاران مملڪتي وزير ڪرس برائنٽ جڏهن ته جي سي سي جي سيڪريٽري جنرل جاسم محمد البديوي صحيحيون ڪيون. سيڪريٽري جنرل ٻڌايو ته آزاد واپاري معاهدي تي ڳالهيون ڪامياب رهيون. گڏيل اعلان تي صحيحيون ڌرين جي لاڳاپن ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي.جي سي سي جي سيڪريٽري جنرل ان معاهدي کي گڏيل ۽ جديد واپاري معاهدو قرار ڏنو. هن ٻڌايو ته معاهدي جي فريم ورڪ ۾ شيون ڪمر شل سروسز، مالياتي سروسز، ڊيجيٽل واپار، سيڙپڪاري جي تحفظ، ٽيلي ڪميونيڪيشن ۽ ماڻهن جي چرپر سميت مختلف شعبن جو احاطو ڪيو ويو.












