گڏيل قومن روايتي ٻارڻ کي موسمياتي بحران جو بنيادي سبب قرار ڏئي ڇڏيو

گڏيل قومون – 21 مئي (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش چيو آهي ته روايتي ٻارڻ (فاسل فيولز)  موسمياتي بحران جو بنيادي سبب آهن ۽ ماحولياتي انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ دنيا کي تيزي سان تجديد جوڳي توانائي ڏانهن منتقل ٿيڻو پوندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ (آءِ سي جي) طرفان موسمياتي تبديلي بابت رياستن جي ذميوارين تي جاري ڪيل …

گڏيل قومون – 21 مئي (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش چيو آهي ته روايتي ٻارڻ (فاسل فيولز)  موسمياتي بحران جو بنيادي سبب آهن ۽ ماحولياتي انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ دنيا کي تيزي سان تجديد جوڳي توانائي ڏانهن منتقل ٿيڻو پوندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ (آءِ سي جي) طرفان موسمياتي تبديلي بابت رياستن جي ذميوارين تي جاري ڪيل مشاورتي راءِ جي حوالي سان منظور ڪيل ٺهراءُ تي پنهنجي بيان ۾ چئي. هن ٺهراءُ جي منظوري جي آجيان ڪندي ان کي عالمي قانون، ماحولياتي انصاف، سائنسي حقيقتن ۽ عوام جي وڌندڙ موسمياتي بحران کان بچائڻ لاءِ رياستن جي ذميواري جو طاقتور اظهار قرار ڏنو. هن چيو ته اهي ملڪ ۽ طبقا جيڪي موسمياتي تبديلي جا سڀ کان گهٽ ذميوار آهن، سڀ کان وڌيڪ نقصان به اهي ئي کڻي رهيا آهن، ۽ ان ناانصافي جو خاتمو ٿيڻ گهرجي. هن زور ڀريو ته عالمي برادري کي گرمي پد ۾ اضافي کي 5 ڊگري سينٽي گريڊ جي حد ۾ رکڻ ۽ هڪ محفوظ، منصفاڻي ۽ مضبوط مستقبل جي تعمير لاءِ فوري قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته تجديد جوڳي توانائي نه رڳو سڀ کان سستي پر توانائي جي فراهمي جو سڀ کان محفوظ ذريعو به ثابت ٿي رهي آهي.

مزید خبریں