اسلام آباد- 21 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه جي تاريخي موقعي تي چين جي قيادت ۽ عوام خاص طور تي صدر شي جن پنگ کي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته گذريل 75 سالن دوران پاڪ چين لاڳاپا پائيدار دوستي، گڏيل اعتماد، اسٽريٽجڪ تعاون ۽ هڪ ٻئي جي بنيادي مفادن جي لاءِ اڻٿڪ حمايت …
صدر پاران پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه جي تاريخي موقعي تي چين جي قيادت کي مبارڪباد

مزید خبریں
اسلام آباد- 21 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه جي تاريخي موقعي تي چين جي قيادت ۽ عوام خاص طور تي صدر شي جن پنگ کي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته گذريل 75 سالن دوران پاڪ چين لاڳاپا پائيدار دوستي، گڏيل اعتماد، اسٽريٽجڪ تعاون ۽ هڪ ٻئي جي بنيادي مفادن جي لاءِ اڻٿڪ حمايت جي هڪ شاندار مثال جي طور تي اڀريا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته بدلجندڙ علائقائي ۽ عالمي حالتن جي باوجود ٻنهي ملڪن سدائين يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪ چين اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري مسلسل مستحڪم ٿي رهي آهي جيڪا خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ هڪ سنگ ميل آهي. صدر چيو ته پاڪستان جي عوام کي ان مثالي دوستي تي تمام گهڻو فخر آهي جنهن جي آبياري ۾ ٻنهي ملڪن جي قيادت ۽ عوام پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته صدر شي جن پنگ جي دانشمنداڻي قيادت ۾ چين جديدڪاري، جديد طرازي ۽ غربت جي خاتمي ۾ غيرمعمولي ترقي حاصل ڪئي آهي، پاڪستان چين جي ڏورس عالمي قدمن بشمول “گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو”، “گلوبل سيڪيورٽي انيشي ايٽو”، “گلوبل سويلائزيشن انيشي ايٽو” ۽ “گلوبل گورننس انيشي ايٽو” کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، اهي قدم امن جي فروغ، پائيدار ترقي، تهذيبن جي وچ ۾ گڏيل احترام ۽ هڪ بهتر تعاون ۽ هم آهنگ عالمي نظام جي جوڙجڪ ۾ چين جي تعميري ڪردار جا عڪاس آهن. صدر چيو ته اهي اهم قدم علائقائي هم آهنگي، گڏيل خوشحالي ۽ گهڻ رخي تعاون جي لاءِ پاڪستانجي امنگن جي عين موجب آهن. هن چيو ته پاڪستان گڏيل لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل مستقبل جي تعمير جي گڏيل ويزن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ صدر شي جن پنگ جي گهري وابستگي کي خاص اهميت ڏي ٿو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ چين جي اڻٿڪ حمايت جي دل سان قدر ڪري ٿو، پاڪستان ون چائنا اصول تي مضبوطي سان قائم آهي ۽ چين جي بنيادي مفادن بابت سمورن معاملن تي ان جي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته پاڪستان گلوبل سائوٿ جي لاءِ چين جي بصيرت ۽ قيادت، خاص طور تي اولهندي ايشيا ۾ موجوده تڪرارن کي ختم ڪرڻ ۾ ان جي مثبت ڪردار کي ساراهي ٿو. صدر چين پاران پنهنجي تازن دورن جي دوران ڏني ويندڙ پرجوش ۽ پروقار مهمان نوازي تي پڻ ٿورا ادا ڪيا. هن چيو ته چيني قيادت پاران خلوص، گرمجوشي ۽ فراخدلي اسان جي مضبوط ڀائيچاري جي منفرد سڃاڻپ آهي جنهن وفد جي سمورن ميمبرن تي دلي اثر وڌا آهن، انهن دورن سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت ترقي جي عمل کي تيز ڪرڻ، اقتصادي تعاون ۽ سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ ۽ ٽيڪنالاجي، زراعت، ماحول دوست توانائي (گرين انرجي)، جدت طرازي، سياحت ۽ عوامي سطح تي رابطن جهڙن اڀرندڙ شعبن ۾ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي اسان جي گڏيل عزم کي وڌيڪ سگهه ڏني آهي. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي ان تاريخي سنگ ميل کي ملهائيندي اسان پاڪ چين دوستي کي خاص طور تي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي اڳئين مرحلي جي ذريعي وڌيڪ بلندين تائين وٺي وڃڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن چيو ته مون کي يقين آهي ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ وڌندي ۽ نئين بلندين تي پهچندي. صدر چيو ته آئون چين جي دوست عوام جي مسلسل ترقي، خوشحالي ۽ ڀلائي جي لاءِ پڻ دعاڳو آهيان.










