اسلام آباد- 21 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا ۽ مثالي دوستي هڪ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ تبديل ٿي چڪي آهي، پاڪستان مختلف شعبن ۾ چين جي تعاون کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان سي پيڪ جي ايندڙ مرحلي ۾ اعليٰ معيار جي ترقي جي لاءِ پرعزم آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۽ …
پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا ۽ مثالي دوستي هڪ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ تبديل ٿي چڪي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد- 21 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا ۽ مثالي دوستي هڪ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ تبديل ٿي چڪي آهي، پاڪستان مختلف شعبن ۾ چين جي تعاون کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان سي پيڪ جي ايندڙ مرحلي ۾ اعليٰ معيار جي ترقي جي لاءِ پرعزم آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه جي تاريخي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم چيو ته هو هن موقعي تي پاڪستان ۽ چين جي عوام کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏئي ٿو. هن تاريخي سنگ ميل کي شاندار نموني سان ملهائڻ پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن جي گهرائي، اهميت، مضبوطي ۽ روشن مستقبل جي عڪاس آهي. هن چيو ته پاڪستان جي عوام چين جي عوام لاءِ حقيقت ۾ تمام گهڻي احترام ۽ دلي محبت جا جذبا رکي ٿي. گڏيل اعتماد، خودمختيار برابري ۽ امن ۽ ترقي جي گڏيل خواهشن تي ٻڌل اسان جا ٻه طرفا لاڳاپا ۽ مثالي دوستي هڪ مضبُوط ۽ هر موسم جي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ تبديل ٿي چُڪي ڪئي آهي. بدلجندڙ علائقائي ۽ عالمي حالتن جي باوجود، اها دوستي مسلسل مضبوط، موثر ۽ اسٽريٽجڪ اهميت واري ٿيندي وئي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان چين جي صدر شي جن پنگ جي دانشمنداڻي قيادت کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. صدر شي جن پنگ جي بصيرت واري قيادت ۾، چين جديديت، جدت، غربت جي خاتمي ۽ قومي بحالي جي ميدان ۾ غير معمولي ترقي حاصل ڪئي آهي. هن چين جي ترقي ۽ تبديلي کي اُسرندڙ ملڪن لاءِ محرڪ ۽ تقليد لائق قرار ڏيندي چيو ته اها عالمي امن ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان مختلف شعبن ۾ چين جي تعاون کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. پاڪستان "هڪ چين” جي اصول تي پنهنجي اڻٿڪ سفارتي موقف کي ورجائي ٿو. پاڪستان جي سماجي ۽ مُعاشي ترقي ۽ قومي ترجيحن ۾ چين جي مضبوط حمايت غير معمولي ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ پاڪستان ۾ بنيادي ڍانچي جي ترقي، توانائي جي تحفظ، صنعتي تعاون ۾ تمام گهڻو ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڪستان سي پيڪ جي ايندڙ مرحلي ۾ اعليٰ معيار جي ترقي لاءِ پرعزم آهي. پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ تعاون هاڻي ڊجيٽل معيشت، جدت، خلائي تحقيق ۽ فتح ۾ تعاون، تعليم ۽ ثقافتي مٽاسٽا جهڙن نون شعبن تائين وڌي رهيو آهي. شاهراه قراقرم کان ويندي خلائي تحقيق ۽ فتح ۾ تعاون تائين، پاڪ چين دوستي پائيدار اسٽريٽجڪ اعتماد کي عملي ترقي ۽ گڏيل خوشحالي ۾ تبديل ڪرڻ جو روشن مثال آهي. وزيراعظم چيو ته وڌندڙ عالمي غير يقيني صورتحال ۽ تيزي سان بدلجندڙ دنيا ۾ پاڪستان ۽ چين گهڻ رخي تعاون، پرامن گڏيل بقا ۽ جامع ترقي جي اصولن تي قائم آهن. وزيراعظم چيو ته اسان جي هر موسم جي اسٽريٽجڪ ڀائيواري علائقائي استحڪام ۽ عالمي تعاون لاءِ هڪ مثبت قوت طور پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. هن دعا ڪئي ته پاڪستان ۽ چين جي لازوال دوستي هر ايندڙ نسل سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿيندي وڃي.










