پاڪستان مختلف ثقافتن، زبانن، روايتن ۽ تهذيبي قدرن جو حسين گهوارو آهي: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد- 21 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان مختلف ثقافتن، زبانن، روايتن ۽ تهذيبي قدرن جو حسين گهوارو آهي، اهو ثقافتي تنوع اسان جي قومي سڃاڻپ ۽ گڏيل طاقت جو مظهر آهي، ثقافتي ادارن کي مضبوط بڻائڻ، هنرمندن ۽ تخليقڪارن جي سرپرستي ۽ قومي ترقياتي منصوبابندي ۾ ثقافتي منصوبن کي موثر انداز ۾ شامل ڪرڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس …

اسلام آباد- 21 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان مختلف ثقافتن، زبانن، روايتن ۽ تهذيبي قدرن جو حسين گهوارو آهي، اهو ثقافتي تنوع اسان جي قومي سڃاڻپ ۽ گڏيل طاقت جو مظهر آهي، ثقافتي ادارن کي مضبوط بڻائڻ، هنرمندن ۽ تخليقڪارن جي سرپرستي ۽ قومي ترقياتي منصوبابندي ۾ ثقافتي منصوبن کي موثر انداز ۾ شامل ڪرڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ڳالهه ٻولهه ۽ ترقي بابت ثقافتي تنوع جي عالمي ڏهاڙي تي جاري پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان اڄ عالمي دنيا سان هڪ آواز ٿي ڳالهه ٻولهه ۽ ترقي بابت ثقافتي تنوع جو عالمي ڏهاڙو پرعزم انداز ۾ ملهائي رهيو آهي، سڄي دنيا ۽ خاص طور تي پاڪستان ۾ تهذيب ۽ ثقافت ۽ گڏيل ورثي جي اهميت کي ساراهيندڙن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، هي ڏينهن ملڪي ۽ عالمي سطح تي سماجي شموليت، گڏيل احترام ۽ فڪري يڪجهتي ۾ تهذيبي ورثي جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان مختلف ثقافتن، زبانن، روايتن ۽ تهذيبي قدرن جو حسين گهوارو آهي، اهو ثقافتي تنوع اسان جي قومي سڃاڻپ ۽ گڏيل طاقت جو مظهر آهي، بنا ڪنهن شڪ جي اهو ثقافتي تنوع پنهنجي مثبت قدرن جي ڪري قومي اتحاد، گڏيل احترام، برداشت ۽ هم آهنگي جي لاءِ پڻ فروغ جو سبب آهي، پاڪستان حڪومت متنوع ثقافتي ورثي جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ هڪ جامع پاليسي فريم ورڪ تي عمل پيرا آهي. هن چيو ته قومي ورثي ۽ ثقافت واري ڊويزن، مادي ۽ غيرمادي ثقافتي ورثي جي تحفظ، جامع دستاويزي رڪارڊ ۽ موثر ترويج جي لاءِ ڀرپور انداز ۾ ڪم ڪري رهي آهي، ثقافتي ادارن کي مضبوط بڻائڻ، هنرمندن ۽ تخليقڪارن جي سرپرستي ۽ قومي ترقياتي منصوبابندي ۾ ثقافتي پراجيڪٽس کي موثر انداز ۾ شامل ڪرڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. ان کانسواءِ عالمي سطح تي پاڪستان جي منفرد روايتن ۽ ورثي جي اعتراف جي ڏس ۾ ڪم جاري آهي خاص طور تي تازين ڪوششن ۾ اجرڪ، رباب ۽ گليشيئر گرافٽنگ جي يونيسڪو جي ثقافتي ورثي جي فهرستن ۾ داخلا جون ڪوششون شامل آهن. هن چيو ته هنرمندن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن کي ملڪي ۽ عالمي منڊين تائين پهچ فراهم ڪرڻ جي لاءِ “ڪريئيٽو اڪانومي ايڪسيليريٽر” ۽ ٻيا پروگرامز شروع ڪيا ويا آهن. ثقافتي مصنوعات جي عالمي فروغ ۽ روزگار جا موقعا وڌائڻ جي لاءِ “ڊيجيٽل ڪلچرل پليٽ فارم” ۽ “ورثه مارڪيٽ پليس” جي شروعات ڪئي وئي آهي. قومي هم آهنگي، ڳالهه ٻولهه ۽ ثقافتي يڪجهتي جي فروغ لاءِ “سينٽر آف ايڪسيلينس فار نيشنل ڪوهيزن اينڊ آئوٽ ريچ” جو قيام ڪيو ويو آهي، اهي سمورا قدم ثقافت کي پائيدار ترقي، سماجي هم آهنگي ۽ معاشي موقعن جو هڪ موثر ذريعو سمجهڻ جي حڪومتي پاليسي جي عڪاسي ڪن ٿا. وزيراعظم سول سوسائٽي، تعليمي ادارن، نوجوانن ۽ سمورين لاڳاپيل ڌرين کي اپيل ڪئي ته اهي انفرادي ۽ اجتماعي سطح تي ثقافتي ورثي جي تحفظ ۽ فروغ ۽ مثبت گڏيل قدرن جي قومي اتحاد، هم آهنگي، فڪري يڪجهتي ۾ تعميري ڪردار جي لاءِ پنهنجون پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏين.

مزید خبریں