فتنه الخوارج جو اهم اڳواڻ سيڪيورٽي فورسز سان مقابلي دوران مارجي ويو

اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) فتنه الخوارج جو اهم اڳواڻ افغان خوارجي بصير سيڪيورٽي فورسز سان مقابلي دوران مارجي ويو. تفصيل موجب سيڪيورٽي فورسز سارانان جي علائقي ارجم ڪلي ۾ هڪ ڪامياب آپريشن دوران فتنه الخوارج جي اهم افغاني ڪمانڊر بصير کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته سندس ساٿيءَ کي گرفتار ڪيو ويو. سيڪيورٽي فورسز ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي فتنه الخوارج جي ڪمانڊر خوارجي بصير کي شعبان جي …

اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) فتنه الخوارج جو اهم اڳواڻ افغان خوارجي بصير سيڪيورٽي فورسز سان مقابلي دوران مارجي ويو. تفصيل موجب سيڪيورٽي فورسز سارانان جي علائقي ارجم ڪلي ۾ هڪ ڪامياب آپريشن دوران فتنه الخوارج جي اهم افغاني ڪمانڊر بصير کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته سندس ساٿيءَ کي گرفتار ڪيو ويو. سيڪيورٽي فورسز ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي فتنه الخوارج جي ڪمانڊر خوارجي بصير کي شعبان جي علائقي مان ٽريس ڪيو. مارجي ويل خوارجي ڪمانڊر نور الله جو پُٽ هو، جيڪو سيڪيورٽي فورسز تي ڪيترن ئي حملن جو منصوبو بڻائيندڙ هو. خوارجي نصير شعبان جي علائقي ۾ دخل اندازي جي ڪوشش ڪندڙن جي جوڙجڪ جو آپريشن ڪمانڊر به هو. ان کان اڳ 22 فيبروري 2026ع تي خوارجي نصير جي نگرانيءَ ۾ فتنه الخوارج جي 5 آپگهاتي بمبارن تي ٻَڌل هڪ گروهه کي پشين ۾ سيڪيورٽي فورسز ماريو هو. خواجي نصير جو مارجڻ سيڪيورٽي فورسز جي دهشتگردن خلاف هڪ وڏي ڪاميابي آهي. آپريشن عزم استحڪام تحت فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان خلاف آپريشن ڪاميابي سان جاري آهي.

مزید خبریں