اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيني نيشنل پيپلز ڪانگريس (اين پي سي) جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي نائب چيئرمين ڪائي ڊائيفنگ جي اڳواڻيءَ ۾ آيل اعليٰ سطحي وفد جو پارليامانيٽ هائوس ۾ شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي ملاقات دوران پاڪ چين ٻه طرفن ناتن، پارلياماني سهڪار، علائقائي صورتحال ۽ مختلف شعبن ۾ مستقبل جي گڏيل عمل تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ …
سينيٽ چيئرمين جي چين جي اعليٰ سطحي وفد سان اهم ملاقات
اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيني نيشنل پيپلز ڪانگريس (اين پي سي) جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي نائب چيئرمين ڪائي ڊائيفنگ جي اڳواڻيءَ ۾ آيل اعليٰ سطحي وفد جو پارليامانيٽ هائوس ۾ شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي ملاقات دوران پاڪ چين ٻه طرفن ناتن، پارلياماني سهڪار، علائقائي صورتحال ۽ مختلف شعبن ۾ مستقبل جي گڏيل عمل تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ لازوال دوستي خطي ۾ امن، استحڪام، ترقي ۽ خوشحاليءَ جو مضبوط بنياد آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي ناتن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ ان تاريخي، آزمايل ۽ عوامي سطح تي مضبوط رشتي جو مظهر آهي، جيڪو وقت سان گڏ وڌيڪ مستحڪم ٿيو آهي. هن پارلياماني سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته سينيٽ آف پاڪستان ۽ چين جي نيشنل پيپلز ڪانگريس وچ ۾ رابطا ۽ اداره جاتي سهڪار ٻه طرفي ناتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن جي قانونساز ادارن وچ ۾ مسلسل رابطن سان گڏيل اعتماد ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ملندي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ چين جا ناتا گڏيل اعتماد، احترام، خيرسگالي ۽ هڪٻئي جي بنيادي مفادن جي پُختي حمايت تي ٻَڌل آهن. هن پنهنجي مختلف سرڪاري عهدن دوران چين جي ڪيترن ئي دؤرن جو ذڪر ڪندي چيو ته کيس چيني صدر، وزيراعظم ۽ ٻي اعليٰ قيادت سان ملاقاتن جو موقعو مليو، جڏهن ته چين جي مختلف علائقن جي دؤرن دوران ڪيترائي اهم معاهدا به طئي ٿيا، جنهن ٻه طرفي سهڪار کي نئون رُخ ڏنو. هن چيو ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، مازي تنگ ۽ چواين لائي جهڙا مدبر اڳواڻن پاڪ چين دوستي جو مضبوط بنياد رکيو، جيڪو اڄ به هر ايندڙ نسل سان وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيو آهي. سينيٽ چيئرمين ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته چين پاڪستان جو سڀ کان اعتماد جوڳو اسٽريٽجڪ ڀائيوار ۽ مخلص دوست آهي جڏهن ته پاڪستان علائقائي ۽ عالمي فورمز تي چين جي مسلسل حمايت کي بيحد قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن سي پيڪ تحت سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان زراعت، توانائي، معدنيات، تعليم، آءِ ٽي، گرين ٽيڪنالاجي، تجديد جوڳي توانائي، مصنوعي ذهانت، فن ٽيڪ، ايگري ٽيڪ ۽ ڊجيٽل سي پيڪ سميت مختلف شعبن ۾ چين سان سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهي ٿو. سينيٽ چيئرمين چيو ته سي پيڪ، پاڪ چين اسٽريٽجڪ ڀائيواريءَ جو بنيادي ٿنڀ آهي ۽ پاڪستان ان کي جدت، پائيدار ترقي ۽ معاشي خوشحاليءَ جي مرڪز ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي ڳالهائيندي سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان امن، ڳالهين ۽ سفارتي حل تي يقين رکي ٿو ۽ خطي ۾ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو، خاص ڪري وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ پاڪستان جون ڪوششون جاري آهن. هن چيو ته آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ روس جي صدر ولاديمير پيوٽن جو چين جو تازو دؤرو انتهائي اهميت رکندڙ آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪ چين دفاعي سهڪار گڏيل اعتماد جي علامت آهي ۽ هي خطي ۾ امن، استحڪام ۽ سلامتيءَ کي هٿي وٺرائن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي چيني نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي نائب چيئرمين سائي ڊافينگ، سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ۽ سينيٽ ميمبرن طرفان شاندار آجيان تي شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته چين پاڪستان سان ڀائراڻن ناتن کي بيحد اهميت ڏئي ٿو ۽ سفارتي، پارلياماني، اقتصادي ۽ ترقياتي شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن پاڪستان جي سينيٽ طرفان پاڪ چيني دوستيءَ جي حق ۾ گڏيل حمايت کي ساراهيندي چيو ته پارلياماني فورمز عالمي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ ۾ ڳالهين ۽ سهڪار جي ذريعي اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ملاقات ۾ سينيٽرز شيري رحمان، سليم مانڊوي والا، راڻا ثناءُ الله، منظور احمد ڪاڪڙ بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي سفير مصباح کر، ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، اسيمبلي ميمبر رومينه خورشيد عالم، پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زائيڊونگ ۽ وفد جا ٻيا ميمبر شامل هئا. ان کان اڳ سينيٽ چيئرمين سينيٽ اجلاس جي صدارت ڪندي چيني وفد جو شاندار استقبال ڪيو ۽ پاڪ چين دوستي کي گڏيل اعتماد، احترام ۽ پُختي سهڪار تي ٻَڌل لازوال رشتو قرار ڏنو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ 75 ساله سفارتي ناتا ان پڪي دوستيءَ جي مضبوطيءَ جو چِٽو ثبوت آهن. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته چيني وفد جو اهو دؤرو پاڪستان ۽ چين وچ ۾ پارلياماني، سفارتي ۽ اسٽريٽجڪ ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. سينيٽ اجلاس دوران پاڪ چين ناتن جي حوالي سان گڏيل طور تي ٺهراءُ به منظور ڪيو ويو.











