مڪه مڪرمه/اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف منيٰ جي خيمه بستي ۽ عرفات ڪيمپس ۾ پاڪستاني حاجين لاءِ فراهم ڪيل سهولتن تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته حڪومت الله جي مهمانن کي هر ممڪن سهولت جي فراهمي يقيني بڻائي آهي ۽ هن سال جو حج آپريشن ماضيءَ جي سمورن حج آپريشنز کان بهتر …
وفاقي وزير سردار محمد يوسف پاران منيٰ ۽ عرفات جي ڪيمپن جو دؤرو
مڪه مڪرمه/اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف منيٰ جي خيمه بستي ۽ عرفات ڪيمپس ۾ پاڪستاني حاجين لاءِ فراهم ڪيل سهولتن تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته حڪومت الله جي مهمانن کي هر ممڪن سهولت جي فراهمي يقيني بڻائي آهي ۽ هن سال جو حج آپريشن ماضيءَ جي سمورن حج آپريشنز کان بهتر ۽ مثالي هوندو. اهڙو اظهار هن وزارت جي سيڪريٽري ابرار احمد، پاڪستان حج مشن عبدالوهاب سومرو ۽ سعودي سروس پرووائيڊر الراجحي ڪمپني جي سي اي او بندر عبدالله الراجحي سان عرفات ۽ منيٰ ۾ لڳل خيمن جي تفصيلي دؤري کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي ڪيو. وفاقي وزير منيٰ ۾ قائم عارضي خيمه بستي جي انهن زونز جو دؤرو ڪيو جتي پاڪستاني حاجين جو قيام آهي. ان موقعي تي وفاقي وزير خيمن ۾ فراهم ٿيندڙ صوفه ڪم بيڊ، نسڪ ڪارڊ اسڪين، خيمي ۾ داخل ٿيڻ جي نظام، سامان رکڻ جا هينگرز ۽ گيٽ ٻاهران حاجين جي ڪوائف جي بورڊز جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، جنهن تي هن خوشيءَ جو اظهار ڪيو. ميدانِ عرفات ۾ لاجسٽڪس جو ذڪر ڪندي سردار محمد يوسف چيو ته حاجي عرفات ريلوي اسٽيشن جي ايس ٿري بلاڪ تي لهي سڌو موجوده ڪيمپن ۾ داخل ٿي سگهندا، جنهن سان سندن پيدل سفر ختم ٿي ويندو. انهن ڪيمپن ۾ 24 ڪلاڪ وڏا رڌڻا، پاڻيءَ جا ٿڌا ڪولر، ڪولڊ ڊرنڪ فريزر ۽ آئيس ڪريم دستياب هوندا. حاجين جي طبي ۽ روحاني ضرورتن لاءِ هر ڪيمپ ۾ 24 ڪلاڪ فعال ميڊيڪل ڪلينڪس قائم ڪيا ويا آهن، جتي ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف موجود رهندو. وفاقي وزير آخر ۾ واضح ڪيو ته منيٰ، عرفات، مزدلفه ۽ جمرات ۾ اسان جا خادم الحجاج ۽ مڪتب ناظمين 24 ڪلاڪ حاجين جي رهنمائي ۽ سندن رهائشگاهن تائين واپسيءَ لاءِ فيلڊ ۾ موجود رهندا.











