ڪراچي- 20 مئي (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته منشيات ۽ اسمگلنگ خلاف پاڪستان ڪوسٽ گارڊز جون ڪارروايون تحسين جوڳيون آهن، پاڪستان ڪوسٽ گارڊز هڪ سال ۾ 1.14 ارب ڊالرن جي ماليت جي منشيات پڪڙي. گهرو وزارت مان جاري بيان موجب مملڪتي وزير پاڪستان ڪوسٽ گارڊز جي 46هين ريڪروٽ بيچ جي پاسنگ آئوٽ تقريب ۾ مهمان خاص جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. ڊي …
منشيات ۽ اسمگلنگ خلاف پاڪستان ڪوسٽ گارڊز جون ڪارروايون تحسين جوڳيون آهن: طلال چوڌري
ڪراچي- 20 مئي (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته منشيات ۽ اسمگلنگ خلاف پاڪستان ڪوسٽ گارڊز جون ڪارروايون تحسين جوڳيون آهن، پاڪستان ڪوسٽ گارڊز هڪ سال ۾ 1.14 ارب ڊالرن جي ماليت جي منشيات پڪڙي. گهرو وزارت مان جاري بيان موجب مملڪتي وزير پاڪستان ڪوسٽ گارڊز جي 46هين ريڪروٽ بيچ جي پاسنگ آئوٽ تقريب ۾ مهمان خاص جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. ڊي جي پاڪستان ڪوسٽ گارڊز ميجر جنرل جواد رياض هلال امتياز (ملٽري)، مملڪتي وزير جي آجيان ڪئي. طلال چوڌري پاس آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ڪوسٽ گارڊز ملڪ جي اهم ۽ باوقار فورس آهي. هن چيو ته گهرو وزير محسن نقوي ايران آمريڪا ڳالهين جي مصروفيتن سبب تقريب ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان ڪوسٽ گارڊز گهرو وزير محسن نقوي جي دل جي ويجهو فورس آهي، منشيات ۽ اسمگلنگ خلاف پاڪستان ڪوسٽ گارڊز جون ڪارروايون تحسين جوڳيون آهن. طلال چوڌري چيو ته 3.8 بلين رپين جي غير قانوني شيون ضبط، 4.94 بلين رپيا قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا ويا، جيواني جي سامونڊي پٽيءَ تان 1100 غير قانوني پرڏيهن کي گرفتار ڪيو ويو. نمايان ڪارڪردگي تي ريڪورٽس ۾ اعزاز ورهايا ويا. فرهاد انور ۽ محمد محسن خان کي مجموعي ڪارڪردگي ۽ ليڊي ريڪروٽ عروج بي بي کي نمايان ڪارڪردگيءَ تي خاص ميڊل سان نوازيو ويو. پاس آئوٽ ريڪروٽس مارچ پاسٽ ڪندي مهمان خاص کي سلامي پيش ڪئي.











