وزيراعظم شهباز شريف پاران چين جي صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي ڪيانگ ۽ چيني عوام کي سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه جي موقعي تي دلي مبارڪباد

اسلام آباد - 20 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي ڪيانگ ۽ چيني عوام کي سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه جي موقعي تي دلي مبارڪباد ڏيندي چين جي بنيادي قومي مفادن جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي ۽ پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ چين جي مسلسل حمايت کي ساراهيو آهي. وزيراعظم …

اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي ڪيانگ ۽ چيني عوام کي سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه جي موقعي تي دلي مبارڪباد ڏيندي چين جي بنيادي قومي مفادن جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي ۽ پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ چين جي مسلسل حمايت کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چين جي هڪ اعلى سطحي وفد ملاقات ڪئي جنهن جي قيادت قومي نيشنل پيپلز ڪانگريس (اين پي سي) جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو نائب چيئرمين تسائي دافنگ ڪري رهيو هو. وفد پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه جي تقريبن ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ پڻ شريڪ هئا. چيني وفد کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار چوندي وزيراعظم پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ تاريخي ۽ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي ساراهيو. هن چيو ته گذريل 75 سالن دوران پاڪستان ۽ چين گڏيل اعتماد ۽ ٻطرفي علائقائي اهميت وارن معاملن تي اسٽريٽجڪ هم آهنگي جي بنياد تي دوستي جو هڪ منفرد رشتو قائم ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي ڪيانگ ۽ چيني عوام کي سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه جي موقعي تي دلي مبارڪباد ڏني ۽ چين جي بنيادي قومي مفادن جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ چين جي مسلسل حمايت کي ساراهيو. وزيراعظم چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) کي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ هڪ گيم چينجر قرار ڏيندي ان جي اڳئين مرحلي جي ڪاميابي جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو جنهن ۾ زراعت، آءِ ٽي، صنعت ۽ معدنيات جي شعبن تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي. هن چيو ته هو پنهنجي چين جي ايندڙ سرڪاري دوري جو منتظر آهي. علائقائي صورتحال جي ڏس ۾ وزيراعظم ڏکڻ ايشيا ۽ وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ چين جي تعميري ڪردار کي ساراهيو ۽ علائقائي هم آهنگي ۽ گهڻ رخي تعاون جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نائب چيئرمين تسائي دافنگ وزيراعظم جا شاندار استقبال ۽ ميزباني تي ٿورا ادا ڪيا ۽ ٻنهي ملڪن جي سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه تي مبارڪباد جي مٽاسٽا ڪئي. هن چيو ته چيني قيادت پاڪستان چين لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. نائب چيئرمين چيو ته چين پاڪستان جي حمايت جاري رکندو ۽ چين پاڪستان سان گڏيل مستقبل رکندڙ برادري جي تعمير جي لاءِ پاڪستان سان ويجهو تعاون جاري رکندو. تسائي دافنگ چيو ته چين علائقائي امن ڪوششن ۾ پاڪستان جي ڪردار جي مڪمل حمايت ڪري ٿو ۽ عالمي امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. ڌرين ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مضبوط ڀائيچارو خطي ۾ امن، ترقي ۽ استحڪام جو هڪ اهم ٿنڀ آهي.