اسلام آباد - 20 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وفاقي تعليم واري وفاقي وزير ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ متحده قومي موومينٽ جي وفد ملاقات ڪئي ۽ ايندڙ وفاقي بجيٽ جي حوالي سان ايم ڪيو ايم پاران تجويزون پيش ڪيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد ۾ ايم ڪيو ايم جو اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار، …
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وفاقي وزير خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ متحده قومي موومينٽ جي وفد جي ملاقات
اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وفاقي تعليم واري وفاقي وزير ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ متحده قومي موومينٽ جي وفد ملاقات ڪئي ۽ ايندڙ وفاقي بجيٽ جي حوالي سان ايم ڪيو ايم پاران تجويزون پيش ڪيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد ۾ ايم ڪيو ايم جو اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار، قومي اسيمبلي ميمبر سيد امين الحق ۽ جاويد حنيف شامل هئا. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پڻ موجود هئا. ملاقات ۾و فد وزيراعظم کي ايندڙ وفاقي بجيٽ جي حوالي سان ايم ڪيو ايم پاران تجويزون پيش ڪيون. ملاقات ۾ وفاقي حڪومت تحت سنڌ ۽ ڪراچي ۾ عوامي ڀلائي جي منصوبن جي حوالي سان پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم چيو ته ايم ڪيو ايم وفاقي حڪومت جي اهم اتحادي پارٽي آهي جنهن حڪومت جو عوامي ڀلائي جي حوالي سان هر قدم ۾ ساٿ ڏنو آهي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ايم ڪيو ايم جي بجيٽ تجويزن تي غور ڪرڻ ۽ هڪ قابل عمل ۽ ٺوس حڪمت عملي جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي.











