اسلام آباد - 20 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري بحريه يونيورسٽي اسلام آباد جي شاگردن جي لاءِ 20 انٽرن شپس جو اعلان ڪيو آهي. اهو اعلان هن يونيورسٽي ۾ منعقد ميڊيا فيسٽ اسپرنگ 2026ع جي افتتاحي تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته ميڊيا ڪو عام پيشو نه آهي پر قوم جي امانت …
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري پاران بحريه يونيورسٽي اسلام آباد جي شاگردن جي لاءِ 20 انٽرن شپس جو اعلان
اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري بحريه يونيورسٽي اسلام آباد جي شاگردن جي لاءِ 20 انٽرن شپس جو اعلان ڪيو آهي. اهو اعلان هن يونيورسٽي ۾ منعقد ميڊيا فيسٽ اسپرنگ 2026ع جي افتتاحي تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته ميڊيا ڪو عام پيشو نه آهي پر قوم جي امانت آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪا قوم سچ کي پنهنجو هٿيار بڻائي ٿي تاريخ به اها ئي لکي ٿي. هن چيو ته موجوده دور ۾ ڪوڙn اطلاعن ۽ منفي بيانين جو طوفان آهي، اهڙين حالتن ۾ ذميوار ۽ باضمير صحافت ڪنهن انقلاب کان گهٽ نه آهي، هڪ سچي ۽ ديانتدار خبر پوري قوم جي سوچ بدلائڻ جي صلاحيت رکي ٿي. بئريسٽر دانيال چوڌري نوجوانن کي عملي ميدان ۾ اڳتي آڻڻ کي حڪومت جي ترجيح قرار ڏيندي چيو ته بحريه يونيورسٽي مان فارغ ٿيندڙ ڪيترائي نوجوان اڄ وڏن ٽي وي چينلز ۽ سرڪاري ميڊيا ادارن ۾ اهم خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي ۽ اڄ جا هي شاگرد سڀاڻي جا صحافي، پروڊيوسر ۽ ميڊيا جا اڳواڻ بڻجندا جيڪي دنيا آڏو پاڪستان جو حقيقي ۽ مثبت تشخص اجاگر ڪندا. شاگردن کي مخاطب ڪندي هن چيو ته ريٽنگ بدران پنهنجي ڪم جي اثرن کي اهميت ڏيو، وائرل ٿيڻ ڪاميابي نه آهي پر معاشري ۾ مثبت تبديلي آڻڻ اصل مقصد آهي. هن معرڪه حق ۾ پاڪ فوج جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته سوشل ميڊيا ۽ ٽي وي چينلز به ذميواراڻي انداز ۾ قومي بيانيي کي مضبوط ڪيو جنهن مان واضح آهي ته پاڪستاني ميڊيا مثبت انداز ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان ٽيليويزن شاگردن جي لاءِ مختلف انٽرن شپ پروگرامز هلائي رهيو آهي ۽ حڪومت جي ڪوشش آهي ته انهن پروگرامز جو انگ وڌائي 20 تائين ڪيو وڃي ته جيئن نوجوانن کي وڌيڪ موقعا فراهم ڪري سگهجن.











