اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي پاڪستان چين دوستي ۽ ڀائراڻن ناتن جي توثيق بابت تاريخي ٺهراءُ گڏيل طور تي منظور ڪري ورتو آهي. اربع ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ اسلامي جمهوريه پاڪستان ۽ عوامي جمهوريه چين وچ ۾ سفارتي ناتن جي قيام جي 75هين سالگره جي موقعي تي اها قرارداد نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پيش ڪئي. ٺهراءُ ۾ چيو ويو …
سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي پاران پاڪستان چين دوستي ۽ ڀائراڻن ناتن جي توثيق بابت تاريخي ٺهراءُ گڏيل طور تي منظور
اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي پاڪستان چين دوستي ۽ ڀائراڻن ناتن جي توثيق بابت تاريخي ٺهراءُ گڏيل طور تي منظور ڪري ورتو آهي. اربع ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ اسلامي جمهوريه پاڪستان ۽ عوامي جمهوريه چين وچ ۾ سفارتي ناتن جي قيام جي 75هين سالگره جي موقعي تي اها قرارداد نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پيش ڪئي. ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان پاڪستان ۽ چين وچ ۾ تاريخي، آزمايل، پائيدار ۽ فولادي دوستيءَ کي گهري فخر ۽ اطمينان سان ياد ڪري ٿو، جنهن کي ٻنهي ملڪن جي قيادت جي مسلسل دانشمنداڻي ڪاوشن ۽ عوام جي مخلصفاڻي خيرسگاليءَ ذريعي وڌايو ويو. ٺهراءُ ۾ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ويو ته هي ڀائراڻا ناتا گڏيل اعتماد ۽ احترام، گڏيل اُمنگن، امن، استحڪام، ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ پُختي عزم تي ٻَڌل آهن، جيڪي بدلجندڙ حالتن باوجود هر آزمائش تي پورا لٿا ۽ ٻنهي ملڪن لاءِ قوت، اعتماد ۽ اطمينان جو مستقل ذريعو بڻيل آهن. پاڪستان جي بنيادي قومي مفادن بابت معاملن تي چين جي پُختي حمايت، پاڪستان جي خودمختياري، آزادي ۽ علائقائي سلامتي جي تحفظ، قومي سلامتي، استحڪام، ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۾ چين جي ثابت قدم معاونت کي ساراهيون ٿا. پاڪستان به چين جي بنيادي قومي مفادن بابت معاملن تي پنهنجي پُختي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو، هڪ چين پاليسي سان پنهنجي مضبوط عزم جي تجديد ڪري ٿو ۽ ان ڳالهه جي توثيق ڪري ٿو ته تائيوان چين جي علائقي جو اڻٽٽ حصو آهي. پاڪستان سنڪيانگ، زي زانگ، هانگ ڪانگ ۽ ڏکڻ چيني سمنڊ بابت معاملن تي چين جي مؤقف جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان پاڪستان ۽ چين وچ ۾ وڌندڙ پارلياماني ۽ بين الپارلياماني رابطن جي آجيان ڪري ٿو، علائقائي ۽ عالمي امن، استحڪام ۽ ترقيءَ لاءِ ڳالهين، گڏيل تفهيم ۽ سهڪار جي جذبي تحت انهن ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جو اظهار ڪري ٿو. ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته هي ايوان چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت جاري رکندو ۽ گڏيل خوشحالي، گڏيل مفاد ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ لاءِ چين سان عملي ڀائيواريءَ کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڀري ٿو. جڏهن ته قومي اسيمبلي پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن کي 75 سال مُڪمل ٿيڻ تي گڏيل ٺهراءُ منظور ڪيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان پاڪستان ۽ چين وچ ۾ هر موسم جي آزمايل اسٽريٽجڪ سهڪار تي ٻَڌل ڀائيواريءَ لاءِ پنهنجي پُختي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ ٻه طرفن ناتن کي سمورن شعبن ۾ وڌيڪ گهرو ۽ وسيع بنائڻ لاءِ پاڪستاني پارليامينٽ جي مسلسل حمايت جو عهد ڪري ٿو. اربع ڏينهن چيني وفد جي پارليامينٽ جي مهمانن جي گيلريءَ ۾ موجودگيءَ جي موقعي تي پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌريءَ طرفان ايوان ۾ پيش ڪيل ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته اسلامي جمهوريه پاڪستان ۽ عوامي جمهوريه چين وچ ۾ سفارتي ناتن جي قيام جي 75هين سالگره جي ياد ۾ اسلامي جمهوريه پاڪستان جي قومي اسيمبلي، عوامي جمهوريه چين جي حڪومت ۽ عوام کي ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ سفارتي ناتن جي قيام جي 75هين سالگره جي موقعي تي دلي واڌايون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري ٿي ۽ ان اميد جو ورجاءُ ڪري ٿي ته دوستيءَ جو اهو لازوال رشتو ايندڙ ڏهاڪن ۾ وڌيڪ مضبوطي ۽ وسعت سان گڏ هٿي وٺرائيندو رهندو. ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان پاڪستان ۽ چين وچ ۾ هر موسم جي آزمايل اسٽريٽجڪ سهڪار تي ٻَڌل ڀائيواريءَ لاءِ پنهنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ ٻنهي طرفن ناتن کي سمورن شعبن ۾ وڌيڪ گهرو ۽ وسيع بنائڻ لاءِ پاڪستاني پارليامينٽ جي مسلسل حمايت جو عهد ڪري ٿو. ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته هي ايوان سي پيڪ کي پائيدار سماجي ۽ اقتصادي ترقي، علائقائي رابطن ۽ گڏيل خوشحاليءَ لاءِ هڪ انقلابي منصوبو قرار ڏئي ٿو ۽ ان جي ڀرپور حمايت جو اظهار ڪري ٿو ۽ پاڪستان جي عوام جي مفاد ۾ سي پيڪ رٿائن جي وقت سر مڪمل پڄاڻيءَ لاءِ پنهنجي قانونسازيءَ بابت حمايت جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪري ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان عوامي جمهوريه چين جي نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي نائب چيئرمين سائي ڊافنگ ۽ سندس آيل وفد کي قومي اسيمبليءَ ۾ ڀليڪار چوي ٿو. ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي ان خيرسگالي ۽ يڪجهتيءَ جي اهم اظهار کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائراڻن ناتن کي خاص نوعيت جو مظهر قرار ڏئي ٿي. ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان پاڪستان جي قومي اسيمبلي ۽ عوامي جمهوريه چين جي نيشنل پيپلز ڪانگريس وچ ۾ پارلياماني سفارتڪاري ۽ قانونساز سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو، جيڪو ٻنهي ملڪن جي تمام وڏي ٻه طرفي ناتن جو هڪ اڻٽر ٿنڀ آهي. ٺهراءُ ۾ ان پُختي عزم جو اظهار ڪيو ويو ته آئينده 75 سال پاڪستان ۽ چين وچ ۾ وڌيڪ مضبوط، متحرڪ ۽ گڏيل طور تي مفيد ناتن جا گواهه هوندا، جيڪي ٻنهي قومن جي امن، ترقي ۽ خوشحاليءَ جي گڏيل خوابن تي ٻَڌل هوندا.











