اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) چين جي نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي نائب چيئرمين جي اڳواڻيءَ هيٺ چيني وفد سينيٽ اجلاس جي ڪارروائيءَ جو مشاهدو ڪيو. اربع ڏينهن سينيٽ اجلاس دوران مهمانن جي گيلريءَ ۾ آمد تي سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني وفد کي ڀليڪار ڪيو ۽ چيو ته چيني وفد جي آمد پاڪستان ۽ چين وچ ۾ پُراڻي دوستي، گڏيل اعتماد ۽ خيرسگالي جي …
چين جي نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي نائب چيئرمين جي اڳواڻيءَ ۾ چيني وفد پاران سينيٽ اجلاس جي ڪارروائيءَ جو مشاهدو
اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) چين جي نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي نائب چيئرمين جي اڳواڻيءَ هيٺ چيني وفد سينيٽ اجلاس جي ڪارروائيءَ جو مشاهدو ڪيو. اربع ڏينهن سينيٽ اجلاس دوران مهمانن جي گيلريءَ ۾ آمد تي سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني وفد کي ڀليڪار ڪيو ۽ چيو ته چيني وفد جي آمد پاڪستان ۽ چين وچ ۾ پُراڻي دوستي، گڏيل اعتماد ۽ خيرسگالي جي عڪاسي آهي. هن چيو ته هلندڙ سال پاڪستان ۽ چين جي سفارتي ناتن جا 75 سال مڪمل ٿي رهيا آهن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ناتا گڏيل احترام، پُختي يڪجهتي ۽ گڏيل مقصدن تي ٻَڌل آهن. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته وقت گذرڻ سان پاڪ چين سهڪار وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي ۽ هي ناتا ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ اعتماد ۽ استحڪام جي علامت بڻجي چڪا آهن. هن پنهنجي وزيراعظم جي دؤر جو ذڪر ڪندي چيو ته 18 ڊسمبر 2010ع تي ان وقت جي چيني وزيراعظم وين جيابا جو پارليامينٽ جي گڏيل خاص اجلاس کي خطاب پاڪ چين پارلياماني ۽ سفارتي ناتن جو هڪ تاريخي سنگِ ميل هو. سينيٽ چيئرمين ٻنهي ملڪن جي پارلياماني ادارن وچ ۾ وڌندڙ رابطن کي سٺو سنوڻ قرار ڏيندي چيو ته اهڙي مٽاسٽا گڏيل افهام ۽ تفهيم ۽ سهڪار کي هٿي وٺرائي ٿي. هن نيشنل پيپلز ڪانگريس آف چائينا جي چيئرمين لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته چيني وفد جو هي دؤرو پاڪستان ۽ چين وچ ۾ خاص ناتن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ پارلياماني اسٽريٽجڪ سهڪار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.











