وفاقي وزير محمد حنيف عباسيءَ سان سردار ياسر الياس خان جي ملاقات

اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) ريلوي وفاقي وزير محمد حنيف عباسيءَ سان سياحت بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سردار ياسر الياس خان سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، پاڪستان ۾ سياحت کي هٿي وٺرائڻ ۽ ريلوي ذريعي سياحتي ماڳن تائين پهچ کي بهتر بنائڻ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران پاڪستان ريلوي جي تاريخي ورثي، قديم ريلوي اسٽيشنن ۽ هيريٽيج ماڳن کي سياحت ۾ هٿي …

اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) ريلوي وفاقي وزير محمد حنيف عباسيءَ سان سياحت بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سردار ياسر الياس خان سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، پاڪستان ۾ سياحت کي هٿي وٺرائڻ ۽ ريلوي ذريعي سياحتي ماڳن تائين پهچ کي بهتر بنائڻ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران پاڪستان ريلوي جي تاريخي ورثي، قديم ريلوي اسٽيشنن ۽ هيريٽيج ماڳن کي سياحت ۾ هٿي وٺرائڻ لاءِ اثرائتي انداز ۾ استعمال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ان موقعي تي گولڙه کان هلندڙ سفاري ٽرين سميت هيريٽيج ۽ سياحتي ٽرين سروسز جي ڪردار کي به ساراهيو ويو. سردار ياسر الياس چيو ته پاڪستان ريلوي جو تاريخي ورثو ملڪي سياحت لاءِ هڪ قيمتي اثاثو آهي، جنهن کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪري سياحن لاءِ وڌيڪ پُرڪشش بڻايو پيو وڃي. ريلوي واري وفاقي وزير ريلوي هيريٽيج کي محفوظ بنائڻ ۽ ان کي سياحتي سرگرمين سان ڳنڍڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ريلوي سياحت کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. ملاقات ۾ مذهبي، تاريخي ۽ اُترين علائقن جي سياحتي روٽس کي وڌيڪ فعال بنائڻ، سياحن لاءِ خاص ٽرين پيڪيج متعارف ڪرائڻ ۽ جديد سفري سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو ويو.