اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال جنيوا ۾ ورلڊ هيلٿ اسيمبليءَ جي 79هين اجلاس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته صحت جي عالمي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ گڏيل قدم ۽ عالمي ڀائيواري اڻٽر آهي. صحت واري وزارت طرفان جاري بيان موجب هن چيو ته مختلف چئلينجز باوجود پاڪستان صحت جي شعبي ۾ نمايان اڳڀرائي حاصل ڪئي آهي. ماءُ ۽ ٻار جي …
صحت جي عالمي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ گڏيل قدم ۽ عالمي ڀائيواري اڻٽر آهي: سيد مصطفيٰ ڪمال

مزید خبریں
اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال جنيوا ۾ ورلڊ هيلٿ اسيمبليءَ جي 79هين اجلاس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته صحت جي عالمي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ گڏيل قدم ۽ عالمي ڀائيواري اڻٽر آهي. صحت واري وزارت طرفان جاري بيان موجب هن چيو ته مختلف چئلينجز باوجود پاڪستان صحت جي شعبي ۾ نمايان اڳڀرائي حاصل ڪئي آهي. ماءُ ۽ ٻار جي موت جي شرح ۾ گهٽتائي ٿي آهي، جڏهن ته حفاظتي ٽُڪن جي ڪوريج ۾ به واڌ ٿي آهي. وفاقي وزير چيو ته يونيورسل هيلٿ ڪوريج (يو ايڇ سي) انڊيڪس 40 سيڪڙو مان وڌي 56 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي. پاڪستان ٽي بي، ايڇ آءِ وي، مليريا، ڊينگي ۽ هيپاٽائيٽس جهڙن موذي مرضن خلاف قدمن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو آهي. هن چيو ته پوليو جو خاتمو پاڪستان جي پهرين قومي ترجيح آهي ۽ ان سلسلي ۾ عالمي معاونت تحسين جوڳي آهي. هن چيو ته پاڪستان جلد پوليو کان پاڪ ملڪ بڻجڻ جي هدف جي ويجهو آهي. وفاقي وزير چيو ته 10 سالن جي هيلٿ اينڊ پاپوليشن اسٽريٽجي تي تيزيءَ سان عملدرآمد جاري آهي ۽ ملڪ ۾ علاج تي ٻَڌل نظام سان احتياط جي نظام طرف اهم اڳڀرائي ڪئي پئي وڃي. هن ٻُڌايو ته پاڪستان پنهنجي پهرين قومي ويڪسين پاليسيءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته مقامي سطح تي ويڪسين جي تياريءَ لاءِ قومي ۽ عالمي ڀائيوارين کي به هٿي ڏني پئي وڃي. هن ٻُڌايو ته پاڪستان جا 188 ميڊيڪل ڪاليجز هر سال 22 هزار کان وڌيڪ ڊاڪٽرز تيار ڪري رهيا آهن، جيڪي نه صرف ملڪ پر سڄي دنيا ۾ خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن. سيد مصطفيٰ ڪمال عالمي برادريءَ تي زور ڀريو ته انساني سرمائي ۾ گڏيل سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائي وڃي ته جيئن صحت جي شعبي ۾ پائيدار ترقيءَ جا هدف حاصل ڪري سگهجن.











