سمنڊ ۾ تيل ۽ گيس جي تلاش جي معاهدن تي صحيحون حڪومت جي توانائي پاليسيءَ ۾ تاريخي سنگِ ميل آهن: علي پرويز ملڪ

اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چي آهي ته سمنڊ ۾ تيل ۽ گيس جي تلاش جي معاهدن تي صحيحون حڪومت جي توانائي پاليسيءَ ۾ تاريخي سنگِ ميل آهن، حڪومت آف شور ايڪسپلوريشن جي بحالي، سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ ۽ ٻاهران گُهرايل ڪوئلي تي ڀاڙڻ گهٽ ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي، آف شور پيٽروليم رولز کي لاڳو ڪرڻ ۽ ماڊل پروڊڪشن شيئرنگ ايگريمينٽ …

اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چي آهي ته سمنڊ ۾ تيل ۽ گيس جي تلاش جي معاهدن تي صحيحون حڪومت جي توانائي پاليسيءَ ۾ تاريخي سنگِ ميل آهن، حڪومت آف شور ايڪسپلوريشن جي بحالي، سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ ۽ ٻاهران گُهرايل ڪوئلي تي ڀاڙڻ گهٽ ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي، آف شور پيٽروليم رولز کي لاڳو ڪرڻ ۽ ماڊل پروڊڪشن شيئرنگ ايگريمينٽ جي جاري ڪرڻ سان شفافيت ۽ سيڙپڪاريءَ جي اعتماد ۾ واڌ ٿيندي. اهڙو اظهار هن سمنڊ ۾ تيل ۽ گيس جي تلاش لاءِ آف شور بڊ رانڊ 2025ع تحت پروڊڪشن شيئرنگ معاهدي ۽ ايڪسپلوريشن لائسنسز جي صحيح واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي علي پرويز ملڪ ان اڳڀرائيءَ کي آف شور تلاش جي شعبي جي بحالي، ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ ۽ ٻاهران گُهرايل توانائي تي ڀاڙڻ گهٽ ڪرڻ جي حڪومت ڪوششن ۾ هڪ اهم سنگِ ميل قرار ڏنو. هن چيو ته اهي معاهدا پاڪستان جي آف شور اپ اسٽريم شعبي تي سيڙپڪارن جي اعتماد جو مظهر آهن، جنهن جي ايراضي 282623 چورس ڪلوميٽر تي ٻَڌل آهي، جڏهن ته پاڪستان جي قيام کان هاڻ تائين صرف 18 کوهه کوٽيا ويا آهن. وفاقي وزير چيو ته آف ڊور بِڊ رائونڊ جي ڪامياب تڪميل ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿي ته حڪومت شفاف ۽ سيڙپڪار دوست ريگيوليٽري فريم ورڪ ذريعي پاڪستان کي اعتماد جوڳو ۽ چٽاڀيٽي آف شور منزل طور تي متعارف ڪرائڻ لاءِ پُرعزم آهي. ان سلسلي ۾ آف شور پيٽروليم رولز جو جاري ڪرڻ ۽ ماڊل پروڊڪشن ايگريمينٽ کي بِڊ پيڪيج جو حصو بڻايو ويو ته جيئن شفافيت، چٽاڀيٽي ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد کي وڌيڪ هٿي وٺرائي سگهجي. علي پرويز ملڪ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت مقامي توانائي وسيلن جي پائيدار ترقيءَ لاءِ مستحڪم، شفاف ۽ سيڙپڪار دوست ماحول فراهم ڪري رهي آهي. پيٽروليم ڊويزن طرفان جاري پڌرائيءَ موجب شروعاتي 3 لائسنس جي مُدت جي فيز ون ۾ 82 ملين ڊالرن جي سيڙپڪاري ٿيندي، فيز ٽو ۾ ڊرلنگ تائين اڳڀرائيءَ جي صورت ۾ مجموعي سيڙپڪاري اٽڪل هڪ ارب ڊالرن تائين پهچڻ جو امڪان آهي. سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي حدن سان لڳ انڊس ۽ مڪران آف شور بيسز ۾ بلاڪس الاٽ ڪيا ويا آهن. پڌرائيءَ موجب آف شور بِڊ رائونڊ 2025ع ۾ 54600 چورس ڪلوميٽر ايراضيءَ تي ٻَڌل 23 بلاڪس جي منظوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته 2 بلاڪ آف شور ڊيپ- سي ۽ آف شور ڊيپ-ايف جا معاهدا 2 ڊسمبر 2025ع تي وزيراعظم هائوس ۾ طئي ٿي چڪا آهن. اڄ وڌيڪ 21 پروڊڪشن شيئرنگ معاهدن تي صحيح کان پوءِ آف شور بڊ رائونڊ 2025ع جو معاهدن وارو فريم مڪمل ٿي ويو آهي. ماڙي انرجيز 23 مان 18 بلاڪس آپريٽر طور ۽ 5 بلاڪس جوائنٽ وينچر پارنٽر طور حاصل ڪيا آهن، او جي ڊي سي ايل ۽ پي پي ايل کي 8 ايڪسپلوريشن بلاڪس الاٽ جن مان 2 بلاڪس آپريٽر طور شامل آهن. پرائيم گلوبل انرجيز کي هڪ بلاڪ آپريٽر طور الاٽ ڪيو ويو آهي، يونائيٽيڊ انرجي پاڪستان لميٽيڊ ۽ اورينٽ پيٽروليم ان ڪارپوريشن سميت ٻيون جوائنٽ وينچر پارٽنرز به آهن. فيز ون ۾ سيسمڪ ڊيٽا گڏ ڪرڻ، پروسيسنگ سميت جيولوجيڪل ۽ جيو فزيڪل اسٽيڊيز شامل هوندي، هاڪاري نتيجن جي صورت ۾ فيز ٽو تحت سمنڊ ۾ تيل ۽ گيس جي تلاش لاءِ ايڪسپلوريشن کوهه کوٽيا ويندا، ايوارڊ حاصل ڪندڙ ڪمپنين سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي علائقن م سماجي بهبود ۽ سگهه وڌائڻ جي منصوبن لاءِ به نمايان قدمن جي خاطري ڪرائي آهي.