اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) ڪينيا ۾ 16 سيپٽمبر کان شروع ٿيندڙ 3 ڏينهن واري عالمي واپاري نمائش ڊبليو ايڇ ايڪس نيروبي ۾ شرڪت لاءِ 12 جون تائين درخواستون طلب ڪري ورتيون. ٽي ڊي اي پي مطابق نمائش ڪينيا جي گادي واري شهر نيروبي ۾ 16 سيٽپمبر کان 18 سيٽپمبر تائين جاري رهندي، جنهن ۾ جراحي اوزارن، ڏندن جي اوزارن، …
ٽي ڊي اي پي، ڪينيا ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش ۾ شرڪت لاءِ درخواستون 12 جون تائين طلب ڪري ورتيون

مزید خبریں
اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) ڪينيا ۾ 16 سيپٽمبر کان شروع ٿيندڙ 3 ڏينهن واري عالمي واپاري نمائش ڊبليو ايڇ ايڪس نيروبي ۾ شرڪت لاءِ 12 جون تائين درخواستون طلب ڪري ورتيون. ٽي ڊي اي پي مطابق نمائش ڪينيا جي گادي واري شهر نيروبي ۾ 16 سيٽپمبر کان 18 سيٽپمبر تائين جاري رهندي، جنهن ۾ جراحي اوزارن، ڏندن جي اوزارن، اسپتال ٽيڪسٽائل، هليٿ ٽيڪ، ميڊيڪل جي ليبارٽري، آٽوميشن سسٽم سان واڳيل ماڻهو پنهنجي مصنوعات عالمي خريدارن آڏو پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجا ڪاروباري معاملا طئي ڪري سگهندا. نمائش جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل اٿارٽي جي ويب سائيٽ تان حاصل ڪري سگهجن ٿا.











