اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال جنيوا ۾ ٽي بي ويڪسين ايڪسيليريٽر ڪائونسل جي چوٿين اعليٰ سطحي اجلاس ۾ عالمي سطح تي ٽي بي خلاف گڏيل ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته ٽي بي اڄ به سڄي دنيا ۾ صحت لاءِ سنگين چئلينج آهي، جيڪو پاڪستان جهڙي وڏي بار برداشت ڪندڙ ملڪن کي غير متناسب طور تي متاثر ڪري ٿو. صحت واري …
ٽي بي اڄ به سڄي دنيا ۾ صحت لاءِ سنگين چئلينج آهي: سيد مصطفيٰ ڪمال

مزید خبریں
اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال جنيوا ۾ ٽي بي ويڪسين ايڪسيليريٽر ڪائونسل جي چوٿين اعليٰ سطحي اجلاس ۾ عالمي سطح تي ٽي بي خلاف گڏيل ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته ٽي بي اڄ به سڄي دنيا ۾ صحت لاءِ سنگين چئلينج آهي، جيڪو پاڪستان جهڙي وڏي بار برداشت ڪندڙ ملڪن کي غير متناسب طور تي متاثر ڪري ٿو. صحت واري وزارت طرفان جاري بيان موجب وفاقي وزير اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته مؤثر، پهچ جوڳي ۽ سستي ٽي بي ويڪسين کانسواءِ ان مرض جو خاتمو ممڪن ناهي. هن ٽن اهم ترجيحن تي زور ڀريندي چيو ته نئين ٽي بي ويڪسين کي عالمي عوامي اثاثي طور تي ڏسڻ گهرجي ته جيئن وڌيڪ متاثر ملڪن کي قيمت يا پيداواري صلاحيت جي بنياد تي دير کي مُنهن نه ڏيڻو پوي. هن چيو ته ان مقصد لاءِ منصفاڻي ورڇ جي نظام ۽ علائقائي سطح تي پيداواري صلاحيت ۾ واڌ اڻٽر آهي. هن چيو ته ٽي بي ويڪسين جو لاڳو ڪرڻ قومي صحت ۽ حفاظتي ٽُڪن جي نظام سان مربوط هئڻ گهرجي، جنهن ۾ صحت جي بنيادي سهولتن، نگرانيءَ جي نظام، ليبارٽري نيٽ ورڪس ۽ ڊجيٽل هيلٿ انفراسٽرڪچر شامل هجن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ملڪ ۾ تياري، آگاهي ۽ ڪميونٽي ڀائيواريءَ لاءِ ورڪنگ گروپ جي قيام جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن زور ڀريو ته ٽي بي ويڪسين لاءِ مستقل ۽ اڳواٽ جوڳي فنڊنگ يقيني بنائي وڃي ڇاڪاڻ ته ٽي بي ويڪسين جي تياري تيز ڪرڻ لاءِ عالمي سطح تي پائيدار مالي وسيلن جي فراهمي اڻٽر آهي. هن عالمي برادريءَ تي زور ڀريو ته جي-20 سميت ٻين عالمي فورمز تي ٽي بي ويڪسين جي مالي معاونت کي ترجيح ڏني وڃي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ٽي بي، جي خاتمي لاءِ پنهنجي ڪوششن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو ۽ ٽي بي ويڪسين جي تحقيق، تياري ۽ منصفاڻي ورڇ لاءِ عالمي ڀائيواريءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن چيو ته ٽي بي کان بچاءُ لاءِ فوري قدمن، جدت ۽ عالمي يڪجهتي جا گهرجائو آهن ۽ گڏيل ڪوششن سان لکين جانيون بچائي سگهجن ٿيون.











