مڪه مڪرمه- 20 مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي موسميات کاتي چيو آهي ته هلندڙ سال حج سيزن دوران مڪي شريف ۽ مشاعر مقدس ۾ موسم انتهائي گرم رهڻ جو امڪان آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه سعودي عرب جي موسميات کاتي جي سي اي او ڊاڪٽر ايمن غلام هڪ بيان ۾ چئي. ڊاڪٽر ايمن غلام حج جي موسمي حالتن جي حوالي سان ٻڌايو ته يوم الترويه ( 8 …
حج سيزن دوران مڪي شريف ۽ مشاعر مقدس ۾ موسم انتهائي گرم رهڻ جو امڪان آهي: سعودي موسميات کاتو
مڪه مڪرمه- 20 مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي موسميات کاتي چيو آهي ته هلندڙ سال حج سيزن دوران مڪي شريف ۽ مشاعر مقدس ۾ موسم انتهائي گرم رهڻ جو امڪان آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه سعودي عرب جي موسميات کاتي جي سي اي او ڊاڪٽر ايمن غلام هڪ بيان ۾ چئي. ڊاڪٽر ايمن غلام حج جي موسمي حالتن جي حوالي سان ٻڌايو ته يوم الترويه ( 8 ذي الحج ) تائين گرمي عروج تي هوندي ۽ سطحي هوا سان گهِميل هوا هلڻ جو امڪان آهي، حج وارن ڏينهن ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 44 کان 47 ڊگري سينٽي گريڊ ۽ گهٽ ۾ گهٽ 28 کان 31 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته هوا ۾ نمي جو تناسب 10 سيڪڙو کان 40 سيڪڙو تائين هوندو. سندس چوڻ هو ته عرفات جي ڏينهن کان 13 ذوالحج تائين موسم گرم رهڻ جو امڪان آهي، ڏينهن جي وقت گرم هوا لڳڻ جو امڪان آهي. هن چيو ته 9 ذوالحج کان 13 ذوالحج تائين گرمي پد ۾ معمولي گهٽتائي جو امڪان آهي. ان دوران گرمي پد 42 کان 44 ڊگري ۽ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 26 کان 29 ڊگري سينٽي گريڊ تائين هوندو، جڏهن ته هوا ۾ نمي جو تناسب 15 کا 55 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي. حج جي ڏينهن دوران هوا جو رخ اتر کان اولهه طرف هوندو جنهن جي رفتار 20 کان 50 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين ٿي سگهي ٿي، ان ڳالهه جو امڪان آهي ته طائف ڪمشنري جي جابلو هنڌن تي گجگوڙ سان برسات پوڻ جو امڪان آهي.












