مستحق ۽ ضرورت مند ماڻهن کي بروقت سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مستحق ۽ ضرورت مند ماڻهن کي بروقت سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. انهن خيالن جو اظهار هن مينجنگ ڊائريڪٽر بيت المال ڪيپٽن (ر) شاهين بٽ سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، ملاقات ۾، ايم ڊي بيت المال …

اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مستحق ۽ ضرورت مند ماڻهن کي بروقت سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. انهن خيالن جو اظهار هن مينجنگ ڊائريڪٽر بيت المال ڪيپٽن (ر) شاهين بٽ سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، ملاقات ۾، ايم ڊي بيت المال وزيراعظم محمد شهباز شريف کي اداري جي ڪارڪردگي جو جائزو پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته مستحق ۽ ضرورت مند ماڻهن کي بروقت سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن بيت المال ۾ درخواستن تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ ۽ درخواست جمع ڪرائڻ جي طريقيڪار کي وڌيڪ آسان بڻائڻ جي هدايت ڪئي.