پاڪ چين دوستي جو رشتو هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ٿيندو رهيو آهي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪ چين دوستي اهڙو رشتو آهي جيڪو هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ٿيندو رهيو آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڏهاڪن کان دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن. پاڪ چين دوستي جون ڪهاڻيون اسان پنهنجي بزرگن کان ٻڌندا آيا آهيون ۽ اسان اهي ڪهاڻيون پنهنجي ايندڙ نسلن کي ٻڌائينداسين. اهڙن خيالن …

اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪ چين دوستي اهڙو رشتو آهي جيڪو هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ٿيندو رهيو آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڏهاڪن کان دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن. پاڪ چين دوستي جون ڪهاڻيون اسان پنهنجي بزرگن کان ٻڌندا آيا آهيون ۽ اسان اهي ڪهاڻيون پنهنجي ايندڙ نسلن کي ٻڌائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي پاڪ چين فرينڊشپ سينٽر ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران منعقد ڪيل "پاڪ چين ثقافتي شام” کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ خاص مهمان منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال، پارلياماني سيڪريٽري اطلاعات ۽ نشريات دانيال چوڌري، وفاقي سيڪريٽري اطلاعات ۽ نشريات اشفاق احمد خليل، چيني سفارتخاني جي ڊپٽي هيڊ آف مشن شي يوآن ڪيانگ سميت ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ شاندار تقريب منعقد ڪرڻ تي منتظمين کي مبارڪباد ڏني. تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ڏهاڪن کان دوستاڻا لاڳاپا آهن ۽ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وقت گذرڻ سان گڏ مضبوط کان مضبوط ٿيندا ويا آهن. هن چيو ته پاڪ چين دوستي هڪ اهڙو رشتو آهي جيڪو هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ٿيو آهي ۽ اهو اسان جي دلين جي تمام گهڻو ويجهو آهي. پاڪ چين دوستي جون ڪهاڻيون اسان پنهنجي وڏڙن کان ٻڌيون آهن ۽ اسان اهي ڪهاڻيون پنهنجي ايندڙ نسلن کي ٻڌائينداسين. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين نه رڳو جبلن ۽ دريائن ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن پر هڪ مضبوط رشتي ۾ پڻ ڳنڍيل آهن جيڪو ڪڏهن به ٽٽي نٿو سگهي. وفاقي وزير چيو ته ثقافتي تقريب ۾ پاڪستان ۽ چين جي ٻارن جي شاندار پرفارمنس ڏسي خوشي ٿي. هن چيو ته وفاقي سيڪريٽري اطلاعات، ڊي جي اي پي ونگ ۽ انهن جي پوري ٽيم مبارڪباد جي مستحق آهي. هن خاص مهمان پروفيسر احسن اقبال کي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ تي ڀليڪار چئي. هن چيو ته پروفيسر احسن اقبال پاڪ چين دوستي جو مضبوط حامي رهيو آهي، سي پيڪ-ٽو جي فروغ ۾ سندس اهم ڪردار آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي تازي چين جي دوري دوران، پروفيسر احسن اقبال هن يقين سان اڳتي وڌيو ته پاڪ چين دوستي هن ملڪ کي خوشحالي ڏانهن وٺي ويندي. اطلاعات واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال کي تقريب کي خطاب ڪرڻ جي دعوت ڏني. ان کان اڳ، اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري اشفاق احمد خليل ۽ چين ۾ مشن جي ڊپٽي هيڊ شي يوآن ڪيانگ پڻ تقريب کي خطاب ڪيو. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري اشفاق احمد خليل تقريب ۾ موجود سڀني مهمانن کي ڀليڪار چئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا مضبوط روايتن، گڏيل قدرن ۽ ڊگهي ڀائيواري جي تاريخ تي ٻڌل آهن جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڊگهي عرصي واري دوستي کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿا. هن چيو ته واپار، معيشت ۽ اسٽريٽجڪ تعاون کانسواءِ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا عوامي رابطن ذريعي وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن. اطلاعات واري سيڪريٽري چيو ته ثقافت ۾ اها صلاحيت موجُود آهي ته اها ماڻهن کي اهڙي طرح ويجهو آڻي جيڪو ڪڏهن ڪڏهن سرڪاري دستاويز نه ٿا ڪري سگهن، جڏهن ته ڳالهه ٻولهه، موسيقي ۽ گڏيل تجربا گڏيل سمجهه کي فروغ ڏين ٿا. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي 75 سالن جُون تقريبون ان حقيقت جي ياد ڏيارين ٿيون ته پائيدار دوستي صرف پاليسي سازي جي ڪمرن تائين محدود نٿي رهي پر اهڙا خوشگوار لمحا به هٿي وٺن ٿا. هن تقريب جي انعقاد ۾ شامل سڀني ادارن، فنڪارن، منتظمين ۽ مهمانن جا ٿورا ادا ڪيا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هي ثقافتي شام شرڪت ڪندڙن لاءِ يادگار لمحن لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ۽ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ لازوال دوستي جي باري ۾ خوشگوار احساسن جو سبب بڻجندي. چيني سفارتخاني جي ڊپٽي هيڊ آف مشن شي يوآن ڪيانگ تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستان ۽ چين جي دوستي کي بي مثال قرار ڏنو. هن چيو ته دنيا ٻنهي ملڪن جي تاريخي لاڳاپن جي شاهد آهي، هي هر موقعي تي هڪ ٻئي سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي گڏ ٻيٺل رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي جي لاءِ هر ممڪن تعاون جاري رکنداسين. ان کان اڳ، تقريب ۾ پهچڻ تي، وفاقي وزيرن پروفيسر احسن اقبال ۽ عطاءُ الله تارڙ مختلف اسٽالن جو دورو ڪيو. تقريب ۾ ٻنهي ملڪن جي ٻارن تمام گهڻي شاندار پرفارمنس پيش ڪئي. تقريب جي آخر ۾ وفاقي وزيرن پروفيسر احسن اقبال ۽ عطاءُ الله تارڙ، چيني ڊپٽي هيڊ آف مشن شي يوآن ڪيانگ، اطلاعات سيڪريٽري اشفاق احمد خليل ۽ ٻين چين-پاڪستان سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه جي موقعي تي ڪيڪ پڻ ڪٽيو.