ايس آءِ ايف سي جي موثر سهولتڪاري جي نتيجي ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٻن سالن کان معطل ٿيل مائننگ لائسنسن جو اجرا ٻيهر بحال

اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي موثر سهولتڪاري جي نتيجي ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ تقريبن ٻن سالن کان معطل ٿيل مائننگ لائسنسن جو اجرا ٻيهر بحال ڪيو ويو آهي، جنهن کي معدني شعبي جي بحالي ۽ سيڙپڪاري جي فروغ طرف اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي. مارچ 2024ع کان معطل ٿيل مائننگ لائسنسن جو عمل ايس آءِ ايف …

اسلام آباد- 20 مئي (اي پي پي) اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي موثر سهولتڪاري جي نتيجي ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ تقريبن ٻن سالن کان معطل ٿيل مائننگ لائسنسن جو اجرا ٻيهر بحال ڪيو ويو آهي، جنهن کي معدني شعبي جي بحالي ۽ سيڙپڪاري جي فروغ طرف اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي. مارچ 2024ع کان معطل ٿيل مائننگ لائسنسن جو عمل ايس آءِ ايف سي جي اسٽريٽجڪ ۽ جامع قدمن جي ڪري ٻيهر فعال ٿيو آهي. ان دوران، مختلف انتظامي ۽ پاليسي رڪاوٽن کي ختم ڪندي نوان مائننگ لائسنسن جاري ڪرڻ جي راهه هموار ڪئي وئي. اختيارين جو چوڻ آهي ته مائننگ ليز جي بحالي سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ معدني وسيلن مان موثر لاڀ ممڪن ٿيندو، جڏهن ته مقامي ۽ غير مُلڪي سيڙپڪاري ۾ پڻ واڌ جي اميد آهي. ان سان گڏوگڏ تحقيق، معدني ترقي جون سرگرميون ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيڻ جي اميد به ڪئي پئي وڃي. ماهرن مُوجب ان قدم سان خطي ۾ ڪاروباري ماحول بهتر ٿيندو ۽ سيڙپڪارن جو اعتماد وڌيڪ مضبوط ٿيندو. سرڪاري ڌُرين ان اڳڀرائي کي پاڪستان ۾ پائيدار معاشي ترقي ۽ سڌارن واري عمل جي لاءِ ايس آءِ ايف سي جي اهم ڪردار جو مظهر قرار ڏنو آهي.