اسلام آباد- 19 مئي (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ، جڏهن ته ڏکڻ/ وچولي علائقن ۾ ٻنپهرن جي وقت ۾ شديد گرم رهڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته مٿانهين خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان، اسلام آباد، پوٽوهار خطي، ڪشمير ۽ ڀرپاسي جابلو علائقن ۾ تيز هوائن/ آنڌاڻي ۽ گجگوڙ سان ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان آهي. ان دوران ڪجهه هنڌن …
ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ، ڏکڻ/ وچولي علائقن ۾ ٻنپهرن جي وقت ۾ شديد گرم رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو
اسلام آباد- 19 مئي (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ، جڏهن ته ڏکڻ/ وچولي علائقن ۾ ٻنپهرن جي وقت ۾ شديد گرم رهڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته مٿانهين خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان، اسلام آباد، پوٽوهار خطي، ڪشمير ۽ ڀرپاسي جابلو علائقن ۾ تيز هوائن/ آنڌاڻي ۽ گجگوڙ سان ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان آهي. ان دوران ڪجهه هنڌن تي ڳڙو پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهي، جڏهن ته وچولي ۽ ڏکڻ علائقن ۾ شديد گرم رهي. جڏهن ته گلگت بلتستان، مٿانهين خيبر پختونخوا ۽ ڪشمير ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات پئي. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ کان وڌ گرمي پد دادو 48، نورپورٺل ۽ شهيد بينظير آباد ۾ 46 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. موسماتي کاتي چيو آهي ته اولهندي هوائن جو سلسلو ملڪ جي اترئين ۽ اولهه وارن علائقن ۾ اثر انداز آهي جيڪو 23 مئي تائين مٿانهين علائقن تي برقرار رهي سگهي ٿو.











