اسلام آباد- 19 مئي (اي پي پي) ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي نئين سر تنظيم سازي جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن تحت ڪارپوريشن جا 30 سيڪڙو شيئرز وِڪرو ڪيا ويندا، اجلاس ۾ پاڪستان جي قيمتي پٿرن جي صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي قومي پاليسي 2030-2026ع سميت ڪيترين ئي وزارتن ۽ ڊويزنن لاءِ فني ضمني گرانٽس جي به منظوري ڏني وئي. اي …
اي سي سي پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي نئين سر تنظيم سازي جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪيترين ئي وزارتن ۽ ڊويزنن لاءِ فني ضمني گرانٽس جي به منظوري

مزید خبریں
اسلام آباد- 19 مئي (اي پي پي) ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي نئين سر تنظيم سازي جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن تحت ڪارپوريشن جا 30 سيڪڙو شيئرز وِڪرو ڪيا ويندا، اجلاس ۾ پاڪستان جي قيمتي پٿرن جي صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي قومي پاليسي 2030-2026ع سميت ڪيترين ئي وزارتن ۽ ڊويزنن لاءِ فني ضمني گرانٽس جي به منظوري ڏني وئي. اي سي سي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ تعليم واري وزارت طرفان وزيراعظم يوٿ اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام تحت نيوٽڪ ذريعي مهارتن جي ترقي ۽ آزاد ڄمون ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ دانش اسڪولن جي قيام لاءِ پيش ڪيل سمريءَ جو جائزو ورتو ويو، ڪميٽيءَ فني ضمني گرانٽ جي صورت ۾ 3 ارب 91 ڪروڙ 52 لک 40 هزار رپيا مختص ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس ۾ منشيات جي خاتمي ۽ گهرو وزارت طرفان پيش ڪيل ٻن سمرين جي به منظوري ڏني وئي، جن ۾ جاري مالي سال دوران وزيراعظم آفيس جي مرمت ۽ سارسنڀال لاءِ 16 ڪروڙ رپين جي فني ضمني گرانٽ ۽ خيبر ضلعي جي علائقي شاڪس ۾ فرنٽيئر ڪور ڪي پي ڪي (اُتر) اسپتال جي جاري آپريشنل ضرورتن لاءِ 48 ڪروڙ رپين جي منظوري شامل آهي. ڪميٽيءَ کي ٻُڌايو ويو ته پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ (پاڪ پي ڊبليو ڊي) جي خاتمي کانپوءِ وزيراعظم آفيس جي سارسنڀال جي ذميداري ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) کي منتقل ڪئي وئي آهي. اجلاس ۾ ٻُڌايو ويو ته ايف سي ڪي پي ڪي (اُتر) اسپتال لاءِ منظور ڪيل فنڊز ايف سي اهلڪارن، شهيدن جي وارثن ۽ زخمي جوانن کي بنا رنڊڪ طبي ۽ آپريشنل سهولتن جي فراهمي ۾ معاونت ثابت ٿيندي. اجلاس ۾ صحت واري وزارت خدمتن، ضابطن ۽ ڪوآرڊينيشن طرفان جاري مالي سال جي پي ايس ڊي پي ۾ وزيراعظم قومي صحت پروگرام (چوٿين نظرثاني ٿيل) لاءِ هڪ ارب 50 ڪروڙ رپين جي فني ضمني گرانٽ بابت سمريءَ جي منظوري ڏني آهي، هي پروگرام جيڪو پهرين صحت سهولت پروگرام جي نالي سان سڃاتو ويندو هو، مڪمل طور تي سرڪاري فنڊنگ تي ٻَڌل سماجي صحت تحفظ جو منصوبو آهي، جنهن جو مقصد صحت جي سهولتن تائين پهچ کي هٿي ڏيڻ ۽ طبي خدمتن جي فراهميءَ کي بهتر بنائڻ آهي. اجلاس ۾ ڪشمير ۽ بلتستان معاملن واري وزارت طرفان پيش ڪيل سمريءَ جي به منظوري ڏني وئي، ان تحت 1989ع جي ڄمون ڪشمير جي پناهگيرن لاءِ ماهوار الائونس 3500 رپين مان وڌائي 6 هزار رپيا في ماڻهو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، جيڪو پهرين فيبروري 2026ع کان لاڳو هوندو. ان مقصد لاءِ 30 جون 2026ع تائين جي عرصي لاءِ 57 ڪروڙ 88 لک 38 هزار رپين جي فني ضمني گرانٽ به منظور ڪئي وئي. ڪميٽيءَ لاڳاپيل وزارتن کي آئينده بجيٽ سائيڪل دوران مستقبل جون مالي ضرورتون ناڻي واري وزارت سان اُڪلائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ريلوي واري وزارت طرفان وزيراعظم اسسٽنٽس پيڪيج تحت بقايائن جي ذميدارين جي ادائيگي لاءِ اضافي گرانٽس بابت سمريءَ جو جائزو ورتو ويو. تفصيلي غور ويچار کان پوءِ ڪميٽيءَ وزيراعظم اسسٽنس پيڪيج لاءِ هڪ ارب رپين جي منظوري ڏني ۽ ريلوي ڊويزن کي پنهنجي پينشن ادائگين جو جامع جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي. اي سي سي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي به وزيراعظم اسسٽنٽس پيڪيج بابت مجموعي پاليسي فريم ورڪ جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي سمريءَ تي به نيشنل ايگري ٽريڊ اينڊ فوڊ سيفٽي اٿارٽي (نافسا) کي فعال بنائڻ لاءِ هڪ ارب رپين جي فني ضمني گرانٽ جي منظوري پڻ ڏني وئي، اها اٿارٽي خوراڪ جي تحفظ، نباتاتي صحت، لائيو اسٽاڪ ۽ زرعي ڪيميڪلز بابت ريگيوليٽري نگرانيءَ کي عالمي معيارن ۽ واپاري گهُرجن موجب مضبوط بنائڻ لاءِ قائم ڪئي وئي آهي. اجلاس ۾ سامونڊي معاملن واري وزارت طرفان پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن (پي اين ايس سي) جي نئين سر تنظيم سازي بابت سمريءَ جي اصولي منظوري پڻ ڏني وئي، جنهن تحت 30 سيڪڙو شيئرز وِڪرو ڪيا ويندا ۽ انتظامي ڪنٽرول نيشنل لاجسٽڪس ڪارپوريشن (اين ايل سي) کي منتقل ڪيو ويندو. ڪميٽيءَ لاڳاپيل عملدارن کي اُڀرندڙ سامونڊي ۽ ٽرانس شپمينٽ موقعن مان فائدو کڻڻ لاءِ ان عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار ڊويزن طرفان پيش ڪيل پاڪستان جي قيمتي پٿرن جي صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي قومي پاليسي 2030-2026ع جي به منظوري ڏني وئي، ان پاليسيءَ جو مقصد قيمتي پٿرن جي شعبي کي باضابطه بنائڻ، ويليو ايڊيشن ۽ جديد کاڻين جي طريقن کي هٿي ڏيڻ، روانگي واپار ۾ واڌ ۽ خاص ڪري گلگت بلتستان، ڪي پي ڪي ۽ آزاد ڄمون ڪشمير ۾ علائقائي اقتصادي ترقيءَ کي هٿي ڏيڻ آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن قيصر احمد شيخ، سردار اويس احمد خان لغاري، علي پرويز ملڪ، رانا تنوير حسين، وزيراعظم جو خاص صلاحڪار هارون اختر خان سميت لاڳاپيل وزارتن، ڊويزنن ۽ ريگيوليٽري ادارن جي وفاقي سيڪريٽرين ۽ سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.











