اسلام آباد- 19 مئي (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن بابت وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان سلطنتِ اردن جي پاڪستان بابت سفير ڊاڪٽر معين خريسات سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثقافتي سهڪار سميت گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران سفير سلطنتِ هاشميه اردن جي ثقافت واري وزارت طرفان وفاقي وزير کي 40 هين ثقافت …
قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان اردن جي سفير جي ملاقات
اسلام آباد- 19 مئي (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن بابت وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان سلطنتِ اردن جي پاڪستان بابت سفير ڊاڪٽر معين خريسات سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثقافتي سهڪار سميت گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران سفير سلطنتِ هاشميه اردن جي ثقافت واري وزارت طرفان وفاقي وزير کي 40 هين ثقافت ۽ فنون بابت جريش فيسٽيول ۾ شرڪت جي باضابطه دعوت ڏني، جيڪو 22 جولاءِ کان 2 آگسٽ 2026ع تائين قديم شهر جريشن ۾ منعقد ٿيندو. وفاقي وزير دعوت دل سان قبول ڪئي ۽ پاڪستان طرفان ثقافتي سفارتڪاري ۽ عالمي ثقافتي رابطن کي هٿي وٺرائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ اردن وچ ۾ موجود مفاهمتي يادداشتن (ايم او يوز) تحت پاڪستان هڪ ثقافتي وفد اردن اُماڻيندو جڏهن ته اردن جي فنڪارن تي ٻَڌل ثقافتي وفد کي به پاڪستان ۾ دعوت ڏني ويندي، جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ عوامي رابطا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. سفير پاڪستان جي ڀرپور ثقافتي ورثي کي ساراهيو ۽ خاص ڪري خٽڪ ۽ بلوچي رقص کي تعريف جوڳو قرار ڏنو. هن قوالي فن جي به تعريف ڪئي ۽ ٻُڌايو ته هن ملتان ۾ قوالي جي محفل جو مشاهدو ڪيو. ان تي وفاقي وزير خاطري ڪرائي ته اردن اُماڻيو ويندڙ ثقافتي وفد ۾ قوالي جي خاص آڇ شامل ڪئي ويندي. قومي ورثي ۽ ثقافت وارو سيڪريٽري اسد رحمان گيلاني به ملاقات ۾ موجود هو. هن سفير کي گنڌارا هيريٽيج گيلري ۽ پاڪستان جي قديم ٻڌ تهذيب بابت جاري نمائش تي تفصيلي بريفنگ ڏني. سفير ان ۾ گهري دلچسپيءَ جو اظهار ڪندي نمائش جي دؤري جي خاطري ڪرائي. سيڪريٽري ٻُڌايو ته قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ گنڌارا سينٽر جو افتتاح ڪيو ويو آهي، جيڪو ان تهذيبي ورثي جي تحقيق ۽ تحفظ لاءِ وقف آهي. ڌُرين ثقافتي سفارتڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ، گڏيل تفهيم وڌائڻ ۽ پاڪستان ۽ اردن وچ ۾ ثقافتي رابطن کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











