اسلام آباد- 19 مئي (اي پي پي) موبائيل فونن جي آمدني واپار ۾ جاري مالي سال دوران نمايان اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق مالي سال جي شروعاتي 10 مهينن ۾ موبائيل فونن جي آمدني واپار تي 274.57 ملين ڊالرز ناڻو خرچ ٿيو، جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي جي ڀيٽ ۾ 148 سيڪڙو وڌيڪ آهي، گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي ۾ موبائيل …
موبائيل فونن جي آمدني واپار ۾ جاري مالي سال دوران نمايان اضافو
اسلام آباد- 19 مئي (اي پي پي) موبائيل فونن جي آمدني واپار ۾ جاري مالي سال دوران نمايان اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق مالي سال جي شروعاتي 10 مهينن ۾ موبائيل فونن جي آمدني واپار تي 274.57 ملين ڊالرز ناڻو خرچ ٿيو، جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي جي ڀيٽ ۾ 148 سيڪڙو وڌيڪ آهي، گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي ۾ موبائيل فونن جي آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 110.63 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو. انگن اکرن مطابق اپريل ۾ موبائيل فونن جي آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 26.76 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو مارچ ۾ 23.57 ملين ڊالر ۽ گذريل سال اپريل ۾ 14.79 ملين ڊالر هو، مالي سال 2025ع ۾ موبائيل فونن جي مجموعي آمدني واپار تي 139.79 ملين ڊالرز ناڻو خرچ ٿيو هو.











