ڪوئيٽا - 19 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان ۾ معدنيات سان لاڳاپيل منصوبن تي ڪم ڪندڙ مقامي ۽ عالمي ڪمپنين جو پاڪستان تي اعتماد برقرار رکڻ جي لاءِ انهن کي محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ لازمي آهي، دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پوليس ۽ ٻين فورسز جي بهترين سکيا ۽ نئين ٽيڪنالاجي انتهائي اهم آهي، رخشان ڊويزن ۾ فرنٽيئر ڪور جي …
بلوچستان ۾ معدنيات سان لاڳاپيل منصوبن تي ڪم ڪندڙ مقامي ۽ عالمي ڪمپنين جو پاڪستان تي اعتماد برقرار رکڻ جي لاءِ انهن کي محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ لازمي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
ڪوئيٽا – 19 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان ۾ معدنيات سان لاڳاپيل منصوبن تي ڪم ڪندڙ مقامي ۽ عالمي ڪمپنين جو پاڪستان تي اعتماد برقرار رکڻ جي لاءِ انهن کي محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ لازمي آهي، دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پوليس ۽ ٻين فورسز جي بهترين سکيا ۽ نئين ٽيڪنالاجي انتهائي اهم آهي، رخشان ڊويزن ۾ فرنٽيئر ڪور جي مقرري سان بلوچستان ۾معدنيات جي تحفظ جي لاءِ لنگهه قائم ٿيندو، حڪومت بلوچستان صوبي جي نوجوانن کي قومي ڌارا ۾ موثر انداز ۾ شامل ڪرڻ، انهن کي بااختيار بڻائڻ ۽ مثبت سرگرمين طرف راغب ڪرڻ جي لاءِ مختلف قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ڪوئيٽا ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي صوبائي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي، وفاقي وزيرن خواجه آصف، احسن اقبال، سيد محسن رضا نقوي، عطاءُ الله تارڙ، خالد مگسي، ڄام ڪمال خان، وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعلى آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي بلوچستان ۾ سيڪيورٽي، ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي، منصوبابندي ۽ ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ بلوچستان سميت ملڪ جي ٻين حصن ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ کنيل قدمن تي چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز سيد عاصم منير ۽ پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم بلوچستان ۾ عوامي ڀلائي جي لاءِ ڪيترن ئي قدمن تي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ۽ سندس ٽيم جي واکاڻ ڪئي. وزيراعظم بلوچستان جي رخشان ڊويزن ۾ فرنٽيئر ڪور مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ان سان بلوچستان ۾ معدنيات جي تحفظ جي لاءِ هڪ لنگهه قائم ٿيندو، ان سيڪيورٽي لنگهه ۾ فرنٽيئر ڪور جي اضافي ونگز، رستن تي سيڪيورٽي چيڪ پوسٽون، سرويلنس گرڊ، سرحدن تي پوسٽون وغيره شامل هونديون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان قدرتي وسيلن خاص طور تي معدنيات سان مالامال آهي، بلوچستان ۾ محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ معدنيات سان واڳيل منصوبن تي ڪم ڪندڙ مقامي ۽ عالمي ڪمپنين جو پاڪستان تي اعتماد برقرار رکڻ جي لاءِ لازمي آهي. وزيراعظم بلوچستان حڪومت پاران ضلعي انتظاميا ۾ مقررين جي لاءِ شفافيت ۽ ميرٽ برقرار رکڻ جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پوليس ۽ ٻين فورسز جي بهترين سکيا ۽ نئين ٽيڪنالاجي انتهائي اهم آهي، حڪومت بلوچستان صوبي جي نوجوانن کي قومي ڌارا ۾ موثر انداز ۾ شامل ڪرڻ، انهن کي بااختيار بڻائڻ ۽ مثبت سرگرمين طرف راغب ڪرڻ جي لاءِ مختلف قدم کڻي رهي آهي. انهن قدمن ۾ تعليمي موقعن ۾ اضافو، فني ۽ پيشيواراڻي تربيت، روزگار جي موقعن جي فراهمي، اسپورٽس ۽ يوٿ پروگرامز جو فروغ، اسڪالرشپس، ڊيجيٽل اسڪلز سکيا ۽ نوجوانن جي فيصلاسازي جي عمل ۾ شموليت شامل آهي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ انفراسٽرڪچر، تعليم، صحت ۽ مواصلات جي شعبن ۾ ترقياتي منصوبن تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي ته جيئن نوجوانن کي بهتر سهولتن ۽ ترقي جا برابر موقعا فراهم ڪري سگهجن، حڪومت نوجوانن سان تعميري رابطي ۽ موثر شموليت جي ذريعي انهن کي قومي ترقي ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ پڻ ڪوششون ڪري رهي آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي بلوچستان ۾ سيڪيورٽي صورتحال، دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ قدمن جي اڳڀرائي، گورننس جي نظام ۾ بهتري جي لاءِ قدمن، ڊيجيٽائيزيشن، ڪيش ليس اڪانومي جي لاءِ قدمن ۽ ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ سمورا ادارا سرگرم عمل آهن، بلوچستان ۾ نوجوانن جي ڀلائي لاءِ يوٿ اسڪلز پروگرام ۽ ٻين منصوبن تي ڪم جاري آهي، نومبر 2024ع کان هيستائين هڪ به پوليو ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو، ڪينسر انسٽيٽيوٽ، ڊائيلسس سينٽر، ٽراما سينٽر ۽ ان جهڙا صحت جي شعبي جا ڪيترائي منصوبا فعال ٿي چڪا آهن ۽ وڌيڪ جي تعمير تي ڪم جاري آهي، بلوچستان ۾ هن وقت 99 سيڪڙو اسڪول کليل آهن ۽ تعليمي سرگرميون جاري آهن، شمسي توانائي جي منصوبي سان بلوچستان ۾ 15000 کان وڌيڪ گهرن کي فائدو پهتو آهي جنهن جي ڪري هيستائين اٽڪل 105 ارب رپين جي بچت رپورٽ ٿي چڪي آهي.











