روس جي نائب پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري پاران ماسڪو ۾ روس – پاڪستان اسٽريٽجڪ استحڪام مشاورتي گروپ جي اجلاس جي گڏيل صدارت

اسلام آباد - 19 مئي (اي پي پي) روس جي نائب پرڏيهي وزير سرگئي ريابڪوف ۽ پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري طاهر حسين اندرابي 18 مئي تي ماسڪو ۾ روس – پاڪستان اسٽريٽجڪ استحڪام مشاورتي گروپ جي 16هين اجلاس جي گڏيل صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اعتماد ۽ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ دوران ٻنهي ڌرين عالمي سلامتي ۽ عالمي استحڪام بابت اهم معاملن سان …

اسلام آباد – 19 مئي (اي پي پي) روس جي نائب پرڏيهي وزير سرگئي ريابڪوف ۽ پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري طاهر حسين اندرابي 18 مئي تي ماسڪو ۾ روس – پاڪستان اسٽريٽجڪ استحڪام مشاورتي گروپ جي 16هين اجلاس جي گڏيل صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اعتماد ۽ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ دوران ٻنهي ڌرين عالمي سلامتي ۽ عالمي استحڪام بابت اهم معاملن سان گڏوگڏ هٿيارن جي ڪنٽرول، هٿيارن جي خاتمي ۽ عدم ڦهلاءُ بابت معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. اجلاس ۾ ڪيترن ئي معاملن تي روس ۽ پاڪستان جي موقف ۾ هم آهنگي جي توثيق ٿي. ڌرين لاڳاپيل عالمي فورمز تي اهڙي نوعيت جي رابطن ۽ تعاون کي جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته مشاورتي گروپ جو 17هون اجلاس ايندڙ سال اسلام آباد ۾ منعقد ڪيو ويندو.