اسلام آباد- 19 مئي (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني نرسنگ برادري، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ صحت جي شعبي سان واڳيل ماڻهن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته تعليم ۽ صحت جا شعبا منهنجي دل جي ويجهو آهن ۽ هڪ مضبوط، اُسرندڙ ۽ خوشحال پاڪستان لاءِ معياري صحت ۽ تعليم جي فراهمي اڻٽر آهي. نرسز جي عالمي ڏينهن جي مناسب سان رٿيل تقريب کي …
سينيٽ چيئرمين پاران نرسنگ برادري، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ صحت جي شعبي سان واڳيل ماڻهن کي خراجِ تحسين پيش
اسلام آباد- 19 مئي (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني نرسنگ برادري، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ صحت جي شعبي سان واڳيل ماڻهن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته تعليم ۽ صحت جا شعبا منهنجي دل جي ويجهو آهن ۽ هڪ مضبوط، اُسرندڙ ۽ خوشحال پاڪستان لاءِ معياري صحت ۽ تعليم جي فراهمي اڻٽر آهي. نرسز جي عالمي ڏينهن جي مناسب سان رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان جي اسپتالن جو معيار اهڙو هئڻ گهرجي ته شهرين کي علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي ضرورت پيش نه اچي. هن چيو ته ملتان ۾ مختيار اسپتال جي قيام جو مقصد صحت جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. تقريب جو بندوبست ناليواري انٽرنيشنل اسپتال ۽ موو اِن پڪ هوٽل سينٽارس جي گڏيل سهڪار سان ڪيو ويو. سينيٽ چيئرمين چيو ته نرسنگ جو شعبو طب ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، جيڪو ڏکين حالتن ۾ نه صرف مريضن جي سارسنڀال ڪري ٿو پر ان جي ڪٽنبن کي پڻ حوصلو، اميد ۽ اعتماد فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته نرسنگ برادري جون خدمتون انسانيت لاءِ عظيم سرمايو آهن ۽ پوري قوم ان جي قربانين ۽ اڻٿڪ خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي. هن چيو ته صحت جي شعبي ۾ جديد سڌارا وقت جي اهم ضرورت آهن ۽ سينيٽ آف پاڪستان عوامي صحت جي نظام کي مضبوط، مؤثر ۽ جديد گهرجن سان هم آهنگ بنائڻ لاءِ پُرعزم آهي. سينيٽ چيئرمين ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته پاڪستان نرسنگ اينڊ مڊوائفري ڪائونسل بل 2026ع تي صحيحون ٿي چڪون آهن، جنهن ذريعي نرسنگ جي تعليمي ۽ پيشيوراڻي مهارت کي عالمي سطح موجب آڻڻ ۾ مدد ملندي. سينيٽ چيئرمين چيو ته ٽيلي ميڊيسن، مصنوعي ذهانت ۽ جديد ٽيڪنالاجي صحت جي شعبي ۾ انقلابي تبديليون آڻي سگهن ٿا. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته نرسز ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي جديد رُخن تي تربيت ڏيڻ اڻٽر آهي ته جيئن پاڪستان جي صحت جو نظام عالمي معيار موجب آڻي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان جي تربيت يافته افرادي قوت جو سڄي دنيا ۾ وڏو قدر ڪيو وڃي ٿو، جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته جيڪڏهن مقامي سطح تي معياري سهولتون ۽ تربيت فراهم ڪئي وڃي ته پاڪستاني نوجوان عالمي سطح تي نماان مقام حاصل ڪري سگهن ٿا. سينيٽ چيئرمين چيو ته ملتان ۾ مختيار شيخ اسپتال جو قيام عوام کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هڪ اهم ڪوشش آهي ۽ ان ئي طرز جا جديد ۽ معياري طبي مرڪز سڄي ملڪ ۾ قائم ڪيا وڃن ته جيئن هر شهريءَ کي سندس چائنٺ تي معياري علاج جون سهولتون ميسر ٿي سگهن. هن چيو ته صحتمند، مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان اسان سڀني جو گڏيل ويزن آهي ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت، پارليامينٽ، طبي ماهر، نرسنگ برادري ۽ عوام کي گڏيل ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سينيٽ چيئرمين نرسز جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي هڪ ڀيرو ٻيهر نرسنگ برادري جي قومي خدمتن، ايثار واري جذبي ۽ انسان دوستيءَ کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته قوم پنهنجن محسنن جي قربانين کي هميشه قدر جي نگاهه سان ڏسندي رهندي.











