اسلام آباد- 19 مئي (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ پاڪستان ۾ جاپان جي سفير اڪاماتسو شوچي جو جيولوجيڪل سروي آف پاڪستان جي جيو سائنس ايڊوانس ريسرچ ليبارٽريز (جي اي آر ايل) جي دؤري جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ پيٽروليم، جيو سائنسز ۽ معدني تحقيق جي شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائي ويندي. پيٽروليم ڊويزن مان جاري پڌرائيءَ موجب …
پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ پيٽروليم، جيو سائنسز ۽ معدني تحقيق جي شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائي ويندي: وفاقي وزير علي پرويز ملڪ
اسلام آباد- 19 مئي (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ پاڪستان ۾ جاپان جي سفير اڪاماتسو شوچي جو جيولوجيڪل سروي آف پاڪستان جي جيو سائنس ايڊوانس ريسرچ ليبارٽريز (جي اي آر ايل) جي دؤري جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ پيٽروليم، جيو سائنسز ۽ معدني تحقيق جي شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائي ويندي. پيٽروليم ڊويزن مان جاري پڌرائيءَ موجب وفاقي وزير پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ جيو سائنسز ۽ معدني تحقيق جي ميدان ۾ ڊگهي عرصي کان جاري سائنسي سهڪار کي ساراهيندي چيو ته جاپاني حڪومت ۽ جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي (جائيڪا) جي معاونت سان جي اي آر ايل جو قيام ۽ ان جي ترقي ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط سائنسي ڀائيواري جو هڪ مثال آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان حڪومت معدنيات جي شعبي کي جديد رُخن تي آڻڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻي رهي آهي ۽ روايتي طرز تلاش ۽ ڪڍڻ جي جاءِ تي جديد ٽيڪنالاجي متعارف ڪرايو پيو وڃي ته جيئن پائيدار ترقي، بهتر پيداواري سگهه ۽ معدني صنعت ۾ ويليو ايڊيشن کي هٿي حاصل ٿي سگهي. هن چيو ته جديد سائنسي تحقيق ۽ جديد اوزارن جي استعمال سان معدني وسيلن جي بهتر انداز ۾ نشاندهي ۽ اثرائتو استعمال ممڪن بڻايو پيو وڃي. دؤري دوران جي اي آر ايل جي تاريخ، ارتقائي مرحلي، جديد ڪاري ۽ موجوده تحقيقي ۽ فني صلاحيتن تي ٻَڌل هڪ دستاويزي فلم به پيش ڪئي وئي. بعد ۾ وفاقي وزير ۽ سفير ليبارٽريءَ جي مختلف شعبن جو دؤرو ڪيو ۽ جيولوجيڪل سروي آف پاڪستان جي سائنسدانن ۽ ماهرن سان ملاقات ڪئي، جن کيس جاري تحقيقي سرگرمين ۽ جديد تجزياتي سهولتن کان آگاهه ڪيو. سفير پاڪستان طرفان سائنسي انفراسٽرڪچر جي مضبوطي ۽ تحقيق کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته جاپان جيو سائنسز جي شعبي فني سهڪار، سائنسي مٽاسٽا ۽ سگهه ۾ واڌ لاءِ پاڪستان سان سهڪار جاري رکڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. پڌرائيءَ موجب ٻنهي ڌُرين جيولوجيڪل سروي آف پاڪستان ۽ جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي وچ ۾ جديد تجزياتي سائنس، ليبارٽري طريقيڪار، سائنسي ورڪ فلو، فني تربيت ۽ سگهه وڌائڻ بابت جاري رابطن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. تقريب ۾ پيٽروليم وزارت، جيولوجيڪل سروي آف پاڪستان، جاپاني سفارتخاني ۽ جائيڪا پاڪستان آفيس جي سينيئر عملدارن به شرڪت ڪئي.











