پاڪستان گنڌارا تهذيب جي عظيم ورثي جي تحفظ، ترويج ۽ ايندڙ نسلن تائين منتقلي لاءِ پرعزم آهي: وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي

اسلام آباد- 19 مئي (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي، ته پاڪستان دنيا جي اهم ترين ٻُڌ تهذيبي مرڪز ن مان هڪ جي امين هئڻ تي فخر محسوس ڪري ٿو ۽ گنڌارا تهذيب جي عظيم ورثي جي تحفظ، ترويج ۽ ايندڙ نسلن تائين منتقلي لاءِ پرعزم آهي. گنڌارا تهذيب ۽ گوتم ٻڌ جي تعليم انسانيت کي برداشت، گڏيل بقا، ڳالهين …

اسلام آباد- 19 مئي (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي، ته پاڪستان دنيا جي اهم ترين ٻُڌ تهذيبي مرڪز ن مان هڪ جي امين هئڻ تي فخر محسوس ڪري ٿو ۽ گنڌارا تهذيب جي عظيم ورثي جي تحفظ، ترويج ۽ ايندڙ نسلن تائين منتقلي لاءِ پرعزم آهي. گنڌارا تهذيب ۽ گوتم ٻڌ جي تعليم انسانيت کي برداشت، گڏيل بقا، ڳالهين ۽ امن جو پيغام ڏئي ٿي. قديم گنڌارا تهذيب، جنهن جا آثار ٽيڪسلا، سوات، پشاور، مردان ۽ چارسده ۾ پکڙيل آهن. ٻڌ تعليم، فن، تعميرات ۽ فلسفي کي هٿي وٺائڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو. هو گذريل ڏينهن قائداعظم يونيورسٽي جي ٽيڪسلا انسٽيٽيوٽ آف آرڪيالاجي اينڊ سولائيزيشنز ۾ منعقد پاڪستان جي ٻڌ ورثي جي ٽين عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي مهمان خاص طور خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير چيو ته اها ڪانفرنس رڳو هڪ علمي فورم ناهي پر بين الثقافتي ڳالهين، علمي تعاون ۽ عالمي هم آهنگي کي هٿي وٺائڻ لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم آهي. هن قائداعظم يونيورسٽي جي هيومنسٽڪ ٻڌ ازم ريسرچ سينٽر ۽ سمورن شراڪتدارن کي گنڌارا تهذيب ۽ پاڪستان جي ٻڌ ورثي جي تحفظ، تحقيق ۽ هٿي وٺائڻ لاءِ ان اهم ميڙاڪي جي بندوبست جي تعريف ڪئي. هن چيو ته گنڌارا تهذيب ڏکڻ ايشيائي ۽ يوناني روايتن جو هڪ شاندار ميلاپ آهي ۽ اهو انسانيت جي گڏيل ثقافتي ورثي جو اڻ ملهه حصو آهي. وفاقي وزير، وزيراعظم شهباز شريف ۽ وزيراعليٰ پنجاب جي قيادت ۾ حڪومت پاران کنيل قدمن جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان تازن سالن ۾ اهم ٻڌ آثار قديمه جي ماڳن جي بحالي ۽ تحفظ، تاريخي ماڳن جي بهتر نگراني ۽ انتظام، آثار قديمه جي تحقيق ۽ عالمي علمي تعاون کي هٿي وٺائڻ، تاريخي نوادرات جي ڊجيٽل دستاويز سازي، مذهبي سياحت کي هٿي وٺائڻ ۽ گنڌارا ورثي بابت لاڳاپيل عالمي آگاهي وڌائڻ لاءِ ڪانفرنسن ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي بندوبست جهڙا نمايان قدم کنيا. هن چيو ته پاڪستان جو ثقافتي تنوع ان جي وڏين طاقتن مان هڪ آهي ۽ ٻڌ ورثي جو تحفظ مذهبي تنوع، ثقافتي اڪثريت ۽ گڏيل انساني تاريخ جي احترام جو مظهر آهي. وفاقي وزير آثار قديمه جي ماهرن، تحفظ آثار جي ماهرن، يونيورسٽين، مقامي ڪميونٽيز ۽ ثقافتي ادارن جي خدمتن جي به تعريف ڪئي، جيڪي ان قديمي خزانن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. واضح رهي ته پنج ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس 23 مئي 2026ع تائين جاري رهندي. جنهن جو بندوبست قائداعظم يونيورسٽي جي هيومنسٽڪ ٻڌ ازم ريسرچ سينٽر قومي ۽ عالمي شراڪتدار ادارن جي تعاون سان ڪيو ويو آهي. انهن ادارن ۾ سلڪ روڊ سينٽر، يونيورسٽي ملاياڪا هيومنسٽڪ ٻڌ ازم ريسرچ سينٽر، فوگوانگ شان ايجوڪيشن سينٽر ملائيشيا، پاڪستان ٽوئرازم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن ۽ ڪي پي ڪي جو آثار قديمه ۽ عجاب گهر وارو کاتو شامل آهن. ڪانفرنس ۾ پاڪستان ۽ مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ اسڪالرز، مذهبي اڳواڻن، تحفظ آثار جي ماهرن، ٻڌ ملڪن جي سفيرن ۽ نوجوان نمائندن شرڪت ڪئي. جيڪي پاڪستان جي ٽين صدي قبل مسيح سان تعلق رکندڙ ٻڌ ۽ گنڌارا ورثي تي ڳالهين ۽ مٽاسٽا کي هٿي وٺائي رهيا آهن. ڪانفرنس ۾ مئينجنگ ڊائريڪٽر ”اي پي پي“ عاصم کچي ۽ ايڪٽنگ وائيس چانسلر قائداعظم يونيورسٽي ڊاڪٽر ظفر نواز جسپال به شريڪ ٿيا. شرڪت ڪندڙن گنڌارا خطي جي اهم ٻڌ تاريخي ماڳن جو دورو به ڪيو. انتظام ڪندڙن 2022ع ۽ 2024ع ۾ منعقد اڳوڻين ڪانفرنسن لاءِ قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن جي مسلسل تعاون جي تعريف ڪندي چيو ته وزارت جي حوصلا افزائي پاڪستان جي ثقافتي ۽ مذهبي ورثي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ان کان اڳ وفاقي وزير، قائداعظم يونيورسٽي ۾ نئين کليل گنڌارا سينٽر ۽ لائبريري جو به دورو ڪيو. هن لائبريري ۾ ٻڌ ازم تي ڪتابن جو به جائزو ورتو ۽ يونيورسٽي جي انهن قدمن جي تعريف ڪئي.