حاجين جي خدمت، اسان جي عبادت، مقدس ماڳن ۾ پاڪستاني حج پانڌيئڙن سان گفتگو جي انداز ۽ اخلاق تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو: وفاقي وزير سردار محمد يوسف

مڪه مُڪرمه- 19 مئي (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته مقدس ماڳن (منيٰ، عرفات، مزدلفه، جمرات) ۾ پاڪستاني حج پانڌيئڙن سان پنهنجو رويو ۽ ڳالهائڻ جو اندازو بهترين رکو ته جيئن حاجين کي هر لمحي پاڪستان حڪومت، مذهبي معاملن واري وزارت ۽ حج مشن سان گڏ بيهڻ جو احساس ٿئي. هن زور ڀريو ته حاجي سڳورا پاڪستان جي مختلف علائقن مان آيا …

مڪه مُڪرمه- 19 مئي (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته مقدس ماڳن (منيٰ، عرفات، مزدلفه، جمرات) ۾ پاڪستاني حج پانڌيئڙن سان پنهنجو رويو ۽ ڳالهائڻ جو اندازو بهترين رکو ته جيئن حاجين کي هر لمحي پاڪستان حڪومت، مذهبي معاملن واري وزارت ۽ حج مشن سان گڏ بيهڻ جو احساس ٿئي. هن زور ڀريو ته حاجي سڳورا پاڪستان جي مختلف علائقن مان آيا آهن جن جون ٻوليون ۽ ڪلچر الڳ الڳ آهي، ان لاءِ ناظمين جون ذميواريون وڌي وڃن ٿيون. هو پاڪستان حج مشن مڪو پاڪ (العزيزيه) ۾ مڪتب ناظمين کي خطاب ڪري رهيو هو. ڊي جي حج، پاڪستان حج مشن عبدالوهاب سومرو، چيف ڪو آرڊينيٽر مرزا علي محسوس سميت پاڪستان حج مشن جون ٻيون اختياريون به موجود هيون. مڪتب ناظمين کي خطاب ڪندي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايتن موجب حاجين جي سهولت ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ويندي ۽ مڪي ۾ ڊي جي حج مشن سميت پورو عملو پاڻ فيلڊ مانيٽرنگ ڪري رهيو آهي. انتظامي معاملن تحت هر 188 عازمين حج لاءِ هڪ ناظم ڊيوٽي تي مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو پاڪستان مان روانگي، مڪي ۽ مديني شريف ۾ رهائش، رڪن ادا ڪرڻ ۽ واپسي تائين مسلسل حاجين سان گڏ رهندو. وفاقي وزير چيو ته خادم الحرمين الشريفين ۽ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي هدايتن تي سعودي حج وزارت ۽ عمره پوري دنيا جي مسلمانن جي حج جي موقعي تي ميزباني لاءِ مثالي انتظام ڪيا آهن. هن ناظمين کي ياد ڏياريو ته الله سائين کين ان عظيم خدمت لاءِ چونڊيو آهي. البته هو 100 سيڪڙو ڪارڪردگي ڏيکاري پنهنجي ڪيريئر کي ڪامياب ۽ آخرت کي سنوارين، بهترين ڪارڪردگي تي سرٽيفڪيٽس ڏنا ويندا. خطاب جي پڄاڻي تي حاجين جي خدمت اسان جي عبادت جي سلوگن تحت پرجوش نعرا لڳايا ويا.