اسلام آباد- 19 مئي (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال جي هدايت تي صحت واري وزارت، سڄي ملڪ ۾ ايڇ آءِ وي ۽ هيپاٽائٽس بي ۽ سي جي روڪٿام لاءِ فوري حفاظتي قدمن جون هدايتون جاري ڪيون آهن. صحت واري وزارت طرفان چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي حڪومتن کي باضابطا خط موڪلي ڇڏيو آهي. ان کانسواءِ وفاق جي انتظام هيٺ اسپتالن، ڊسٽرڪٽ …
صحت وزارت پاران سڄي ملڪ ۾ ايڇ آءِ وي ۽ هيپاٽائٽس بي ۽ سي جي روڪٿام لاءِ فوري حفاظتي قدمن جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد- 19 مئي (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال جي هدايت تي صحت واري وزارت، سڄي ملڪ ۾ ايڇ آءِ وي ۽ هيپاٽائٽس بي ۽ سي جي روڪٿام لاءِ فوري حفاظتي قدمن جون هدايتون جاري ڪيون آهن. صحت واري وزارت طرفان چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي حڪومتن کي باضابطا خط موڪلي ڇڏيو آهي. ان کانسواءِ وفاق جي انتظام هيٺ اسپتالن، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسن ۽ اسلام آباد هيلٿ ڪيئر ريگوليٽري اٿارٽي کي به خصوصي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. صحت واري وزارت مطابق سموري سرڪاري ۽ نجي اسپتالن ۽ صحت مرڪز کي پابند ڪيو ويو آهي ته هر قسم جي طبي ۽ جراحي عمل کان اڳ مقرر اسڪريننگ پروٽوڪول تي سختي سان عملدرآمد يقيني بنايو وڃي. سموري طبي ۽ جراحي عمل کان اڳ ايڇ آءِ وي ۽ هيپاٽائٽس بي ۽ هيپاٽائٽس سي جي ٽيسٽ لازمي قرار ڏني وئي آهي، جڏهن ته صحت مرڪز ۾ مريضن جي ايڇ آءِ وي ۽ هيپاٽائٽس اسڪريننگ به لازمي هوندي. وزارت جي عملدارن چيو ته پازيٽو ٽيسٽ اچڻ جي صورت ۾ مريضن کي مڪمل ڪائونسلنگ، رهنمائي ۽ علاج جي سهولت فراهم ڪئي ويندي ته جئين بيمارين جي ڦهلاءَ کي موثر انداز ۾ روڪي سگهجي.











