اسلام آباد- 19 مئي (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيمه چيو آهي، ته وڌ کان وڌ ترقياتي اڳڀرائي لاءِ پرڏيهي اقتصادي مدد تي هلندڙ منصوبن کي وفاقي حڪومت جي ترجيحن سان هم آهنگ ڪرڻ ضروري آهي. هن اها ڳالهه گذريل ڏينهن ايشيائي انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ جي صدر زوجيايي سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات ۾ گڏيل تعاون ۽ مستقبل جي ترقياتي منصوبن سان سلهاڙيل معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. وفاقي …
پرڏيهي اقتصادي مدد تي هلندڙ منصوبن کي وفاقي حڪومت جي ترجيحن سان هم آهنگ ڪرڻ ضروري آهي: وفاقي وزير احد چيمه

مزید خبریں
اسلام آباد- 19 مئي (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيمه چيو آهي، ته وڌ کان وڌ ترقياتي اڳڀرائي لاءِ پرڏيهي اقتصادي مدد تي هلندڙ منصوبن کي وفاقي حڪومت جي ترجيحن سان هم آهنگ ڪرڻ ضروري آهي. هن اها ڳالهه گذريل ڏينهن ايشيائي انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ جي صدر زوجيايي سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات ۾ گڏيل تعاون ۽ مستقبل جي ترقياتي منصوبن سان سلهاڙيل معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. وفاقي وزير زوجيايي کي عهدو نڀالڻ تي مبارڪون پڻ ڏنيون ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته سندس قيادت ۾ پاڪستان ۽ اي آءِ آءِ بي وچ ۾ شراڪتداري وڌيڪ مستحڪم ٿيندي. اي آءِ آءِ بي جي صدر ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان بئنڪ جو اهم اسٽريٽجڪ ترقياتي شراڪتدار آهي جنهن لاءِ بئنڪ جو مجموعي پورٽ فوليو اٽڪل 3.5 ارب ڊالرن تي ٻڌل آهي. هن پاڪستان جي ايندڙ ٽن يا پنجن سالن جي ترقياتي ترجيحن بابت دريافت ڪيو ته اي آءِ آءِ بي جي مستقبل جي مدد کي قومي ترجيحن موجب هم آهنگ بڻائي سگهجي. صدر اي آءِ آءِ بي ان خواهش جو اظهار به ڪيو ته بئنڪ پاڪستان ۾ پنهنجن سرگرمين کي خودمختار مالي مدد سان اڳيان وڌائيندي غير خودمختار شعبن ۾ به سيڙپڪاري جا موقعا ڳولهي ته جيئن نجي شعبي سان گڏ تعاون کي هٿي وٺائڻ ۽ ترقياتي شراڪتداري جو دائرو وسيع ٿئي. وفاقي وزير پاڪستان ۾ اي آءِ آءِ بي جي جاري 1.387 ارب ڊالرن جي پورٽ فوليو جي تعريف ڪندي ملڪ جي ترقياتي رجيحن لاءِ بئنڪ جي مسلسل مدد تي ٿورو مڃيو. هن وفاقي سطح جي بنيادي ڍانچي جي منصوبن خاص ڪري ريلوي، روڊن ۽ توانائي جي شعبن ۾ حڪومت جي حڪمت عملي تي روشني وڌي ۽ اهڙن اثرائتن ۽ اعليٰ اثر رکندڙ منصوبن جي ضرورت تي بهزور ڀريو جيڪي معيشت لاءِ نمايان فائدن جو سبب بڻجي سگهن. وفاقي وزير پاڪستان ريلوي جي نظام ۾ موجود وسيع امڪان جو ذڪر ڪندي چيو ته فريٽ موومينٽ ۽ لاجسٽڪس جي جديد رخن تي بحالي سان ڪارڪردگي ۾ نمايان بهتري ۽ مجموعي اقتصادي پيداواري صلاحيت مضبوط ٿيندي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اي آءِ آءِ بي جي مدد کي پاڪستان جي بنيادي ڍانچي جي ترجيحن سان هم آهنگ ڪيو ويندو جن ۾ مين لائين 1- ريلوي منصوبو، نيشنل هاءِ وي (اين فائيو) فيز ٽو ۽ بجلي جي رسد ۽ ورهاست جي نظام جي جديدڪاري جهڙا انقلابي منصوبا شامل آهن. هن توانائي، ٽرانسپورٽ ۽ شهري ترقي جي شعبن ۾ اي آءِ آءِ بي جي اهم ڪردار جي به تعريف ڪئي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حڪومت ايندڙ ٽن يا پنجن سالن دوران هڪ عملي ۽ حقيقت پسنداڻي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ چاهي ٿي جنهن تحت محدود پر مضبوط ۽ نتيجن تي ٻڌل منصوبن تي ڌيان ڏنو ويندو. هن چيو ته پرڏيهي اقتصادي مدد تي هلندڙ منصوبن کي وفاقي حڪومت جي ترجيحن سان هم آهنگ ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن وڌ کان وڌ ترقياتي اثر حاصل ڪري سگهجن. وفاقي وزير پاڪستان ۾ اي آءِ آءِ بي جي آفيس جي قيام جي ضرورت تي به زور ريو ته جيئن ويجهي رابطاڪاري ۽اثرائتي شراڪتداري کي هٿي ڏئي سگهجي. هن خاص ڪري زرعي شعبي ۾ نجي شعبي سان تعاون وڌائڻ جي حوصلا افزائي ڪئي ته جيئن ترقي جا نوان موقعا پيدا ٿين. ويليو چينز مضبوط ٿئي ۽ پائيدار اقتصادي ترقي کي هٿي ملي سگهي. احد چيمه پاڪستان جي ترجيحي بنيادي ڍانچي جي منصوبن لاءِ اي آءِ آءِ بي سان تيز رفتار تعاون ۽ وڌيڪ مدد جي درخواست جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان عزم جو به اظهار ڪيو ته حڪومت اسٽريٽجڪ ترقياتي شراڪتدارين ذريعي پائيدار اقتصادي ترقي کي هٿي وٺائڻ لاءِ پرعزم آهي.











