ماسڪو-19 مئي (اي پي پي ) روس جو صدر ولاديمير پيوٽن ٻن ڏينهن جي دوري تي چين روانو ٿي ويو آهي. چين جو صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب روس جو صدر ولاديمير پيوٽن چين جي دوري تي هوندو، ڪريملن جو چوڻ آهي ته روس جو صدر پنهنجي چين جي هم منصب سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي تعاون تي ڳالهه ٻولهه جو ارادو رکي ٿو …
روس جو صدر ٻن ڏيهن جي دوري تي چين روانو
ماسڪو-19 مئي (اي پي پي ) روس جو صدر ولاديمير پيوٽن ٻن ڏينهن جي دوري تي چين روانو ٿي ويو آهي. چين جو صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب روس جو صدر ولاديمير پيوٽن چين جي دوري تي هوندو، ڪريملن جو چوڻ آهي ته روس جو صدر پنهنجي چين جي هم منصب سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي تعاون تي ڳالهه ٻولهه جو ارادو رکي ٿو پر اهم عالمي علاقائي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. اهو دورو عين ان ڏينهن ٿي رهيو آهي جڏهن 25 سال اڳ 2001 ۾ چين ۽ روس وچ ۾ دوستي جو معاهدو ٿيو هيو روس جي صدر جو چين جو آخري دورو سيپٽمبر 2025 ۾ ڪيو هيو.












